Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

اي عاشقانِ ميلاد! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اسان جنهن آقا و مولا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادت جو جشنِ ولادت ملهايو آهي ، اڄ انهيءَ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي اُمّت سان محبت جي باري ۾ بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون :

          منهنجي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي اُمّت سان بي پناھ محبت ، اُمّت جي نجات و مغفرت جي فڪر ۽ هڪ هڪ اُمّتي تي شفقت و رحمت جي ڪيفيت تي قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ جو هيءُ فرمان گواھ آهي ۔

          جيئن سپاري 11 ، سُوره توبه جي آيت نمبر 128 ۾ ارشاد آهي :

لَقَدْ جَآءَكُمْ رَسُوْلٌ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ عَزِیْزٌ عَلَیْهِ مَا عَنِتُّمْ حَرِیْصٌ عَلَیْكُمْ بِالْمُؤْمِنِیْنَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ(۱۲۸)

 ۱۱ ، التوبة : ۱۲۸)

ترجمو ڪنز الايمان : بيشڪ توهان وٽ تشريف وٺي آيو توهان منجهان اهو رسول جنهن کي توهان جي تڪليف ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي توهان جي ڀلائي جو سختي سان چاهيندڙ مسلمانن تي شفقت فرمائيندڙ مهربان آهي.

 تفسير صراط الجنان ۾ آهي : يعني اي عرب وارؤ! بيشڪ توهان وٽ توهان منجهان عظيم رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما ٿيو آهي ، جيڪو عربي ، قرشي آهي۔ توهان کي هن جي حسب ونسب جي سڃاڻپ آهي ، هو توهان سڀني کان عالي نسب آهي۔ توهان کي هن جي صدق و امانت ، زهد و تقويٰ ، طهارت و پاڪيزگي ۽ اَخلاقِ حميده بابت به خوب معلوم آهي۔ هو اهڙا رسول آهن جو توهان جو مشقت ، تڪليف ۾ پوڻ ، خاص ڪري الله جي عذاب جي مشقت ۾ پوڻ سندن تي گھڻو ڏکيو لڳي ٿو ، هو انهيءَ کي پري ڪرڻ جي لاءِ موڪليا ويا آهن۔ ۽ دنيا و آخرت ۾ توهان کي ڀلايون پهچائڻ تي حريص آهن۔ هن آيت ۾ الله پاڪ پنهنجي حبيب کي پنهنجي ٻن نالن سان مشرف فرمايو۔ اها حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وڏي عزت آهي۔ رحمت عالَم دنيا ۾ به رؤف