Book Name:Walion K Sardar
اهڙي نماز ڏانهن نگاھ ناهي ڪندو جنهن ۾ ٻانهو پنهنجي جسم سان گڏ دل کي حاضِر نه ڪري۔[1] منهنجا آقا اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ”نماز جو ڪمال، نماز جو نور، نماز جي خوبي،“ سمجهڻ، غور ڪرڻ ۽ حضورِ قلب (يعني دل جي حاضر رهڻ) تي آهي. [2] مطلب اهو ته اعلي درجي جي نماز اها آهي جيڪا خشوع سان ادا ڪئي وڃي.
نماز ۾ خشُوع دل ۽ ظاهري عضوئن (يعني هٿن پيرن) جي عمل کي چوندا آهن.[3] دل جي فعل مان مراد اهو آهي ته الله پاڪ جي عظمت پيشِ نظر هجي، دنيا کان توجھ هٽيل هجي ۽ نماز ۾ دل لڳل هجي. ۽ ظاهري عضوئن جو عمل اهو آهي ته سڪون سان بيٺو رهي، هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسي، پنهنجي جسم ۽ ڪپڙن سان نه کيڏي ۽ ڪو فضول و بي ڪار ڪم نه ڪري.[4]غريبن جي داتا، شان واري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: بيشڪ نَماز سڪون، عاجزي، ٻاڏائڻ، خوف ۽ شرمساري جو نالو آهي ۔[5]
الله ڪريم سيپاري 18 سوۡرة الۡمؤمنون جي آيت نمبر 1 ۽ 2 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَۙ(۱) الَّذِیْنَ هُمْ فِیْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَۙ(۲)
ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ مراد کي پهتا ايمان وارا جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ۽ زاري ڪن ٿا.