Walion K Sardar

Book Name:Walion K Sardar

ڪشف (ڪشف جو علم رکندڙ) هئا کي سونپيو ويو ۽ حضورِ غوثُ الاعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو ته اسان توهان کي جمعي تائين جـي مهلت ڏيون ٿا ته هي ٻئي حضرات توهان جي تصديق ڪن، حضرت سيّدُنا غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه توهان حضرات هتان اڃان اٿندؤ ئي نه ته مسئلو حل ٿي ويندو، اهو فرمائي حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مٿو مبارڪ جهڪائي ڇڏيو. تمام حاضرين به پنهنجو مٿو جهڪائي ڇڏيو. ايتري ۾ حضرت شيخ يوسف همداني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيرين اگهاڙي جلدي جلدي تشريف کڻي آيا ۽ اعلان ڪيائون ته الله پاڪ جي حڪم سان هينئر هينئر شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ظاهر ٿيا ۽ حڪم ڏنائون ته فورًا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مدرسي ۾ وڃي ڪري سڀني کي هي ٻُڌائي ڇڏيو ته شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه توهان  کي منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجهه ٻُڌايو آهي اهو سچ آهي. “ايتري ۾ حضرت شيخ عبدالرحمٰن ڪُردي به اچي پهتا ۽ انهن به حضرت شيخ يوسف همدانيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيان ئي چيو. ان تي سڀني حضورِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان معافي گهري. ([1])                       

جو ولی قبل تھے یا بعد ہوئے یا ہوں  گے                    سب ادب رکھتے ہیں  دل میں  مرے آقا تیرا([2])

          شعر جي وضاحت:غوثِ پاڪ جو شان اهو آهي جو اوهان کان پهريان دنيا ۾ ايندڙ ۽ سندن کان پوء اچڻ وارا سڀئي اولياء سڳورا سندن جي رتبي ۽ مقام کي مڃن ٿا ۽ انهن سڀني جي دلين ۾ سندن جي لاءِ ادب واحترام آهي۔

          پيارا اسلامي ڀائرو! دِيني اُستاد يا پيرومُرشِد جي طرف کان ڪڏهن به ڪو اهڙو معاملو پيش اچي وڃي جيڪو سمجهه ۾ نه ايندو هجي ته ان تي صبر ۽ تَحَمُّل جو دامن مضبوطيءَ سان پڪڙي رهڻ گهرجي نه وري پنهنجي استاد يا


 

 



[1]… بہجة الاسرار ص۱۰۷

[2]…    حدائق بخشش ،ص23