Walion K Sardar

Book Name:Walion K Sardar

جيئن ته سيپاري 3 سوره اٰلِ عمران جي آيت نمبر 51 ۾ ارشاد آهي،الله پاڪ انسان جي مقصدِ حيات کي بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰهَ رَبِّیْ وَ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُؕ-

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ منهنجو ۽ توهان سڀني جو ربّ الله آهي ته انهيء جي عبادت ڪيو.

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اسان جي خالق و مالڪ الله ڪريم اسان کي اسان جي تخليق جو مقصد (Purpose) ٻڌايو آهي ته هاڻي اسان تي به لازم آهي ته اسان هن مقصد کي ماڻڻ ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ خوب خوب الله پاڪ جي عبادت ڪريون ۽ اها ڳالھ به واضح آهي ته جتي عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي، اتي عبادت ڪهڙي طرح ڪرڻي آهي، ان جي رهنمائي به فرمائي وئي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان عبادت ڪرڻ جا طريقا پڻ سکون ۽ ان جي مطابق عبادت ڪريون۔  مثال طور تلاوتِ قرآن جي ذريعي عبادت ڪرڻي آهي ته قرآنِ ڪريم دُرست پڙھڻ سکڻو پوندو، فرض حج ادا ڪرڻو آهي ته حج جا ضروري مسئلا ۽ احڪام سکڻا پوندا، زڪوٰة فرض ٿيڻ جي صورت ۾ زڪوٰة جا مسئلا سکڻا پوندا۔

      انهن مسئلن کي سکڻ ۽ درست طريقي سان عبادت ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان سڀئي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي علمِ دِين حاصل ڪرڻ جا مختلف ذريعا اپنايون، مثال طور مدني مذاڪرن، هفتيوار اجتماعن ۾ اوّل تا آخر پابندي سان شرڪت جي ڪوشش ڪريون، قافلن ۾ سفر ڪريون، نيڪ اعمال تي عمل ڪريون، درس و بيانات ۾ شرڪت ڪريون ۽ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي 12 مَدَني ڪمن ۾ حِصَّو وٺو ۽ پنهنجي قَبر و آخرت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪريون۔