Walion K Sardar

Book Name:Walion K Sardar

سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي * جڏهن ڪو توهان جي گهر جو دروازو کڙڪائي ته سنت اها آهي ته پڇو؛ ڪير آهي؟ ٻاهران واري کي گهرجي ته پنهنجو نالو ٻڌائي؛ مثال طور چوي؛ ”محمد الياس“ نالو ٻڌائڻ جي بدران انهيءَ موقعي تي ”مدينه!“ ”آئون آهيان!“ ”دروازو کوليو“ وغيره چوڻ سنّت ناهي * جواب ۾ نالو ٻڌائڻ کان پوءِ دروازي کان هٽي بيهو ته جيئن دروازو کلندي ئي گهر ۾ نظر نه پوي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو. سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد