Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

قبر میں تیرا کفن پھٹ جائے گا                    یاد رکھ نازک بدن پھٹ جائے گا

تیرا اِک اک بال تک جھڑ جائے گا                خوبصورت جسم سب سڑجائے گا[1]

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪريو! اسان جا بزرگانِ دِين موت کي ڪيتري قدر ڪثرت سان ياد ڪندا هئا ۽ موت جي خوف سان لرزندا هئا۔ پر اسان جي حالت اها آهي جو اسان موت کي وساري ويٺا آهيون، روز روز جا ٿيندڙ جنازا به اسان کي خوابِ غفلت کان بيدار نٿا ڪن۔ امير اهلِ سنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ        موت جي ياد ڏياريندي ارشاد فرمائن ٿا :

اي عاشقانِ رسول! افسوس صد ڪروڙ افسوس! ڇو ته اسان ٻين کي قبر ۾ دفن ٿيندي ڏسون ٿا پر اهو وساري ويهندا آهيون ته هڪ ڏينهن اسان کي به قبر ۾ لاٿو ويندو۔ افسوس! اسان جي حالت اها آهي جو رات جو بجلي هَلي وڃي ته دل گھٻرائيندي آهي خاص ڪري اڪيلي ۾ ته تمام گھڻو خوف ٿيندو آهي ۽ انڌيرو کائڻ  ايندو آهي، هاءِ! افسوس! ان باوجود به قبر جي سخت انڌيري جو ڪو احساس ناهي۔ نمازون اسان کان نٿيون پڙهيون وڃن، رمضان المبارڪ جا روزا اسان کان نٿا رکيا وڃن، فرض هئڻ جي باوجود به زڪوٰة اسان کان پوري نٿي ادا ڪئي وڃي، ماءُ پيءُ جا حق اسان ادا نٿا ڪري سگھون، افسوس! رات ڏينهن گناهن ۾ گذري رهيا آهن، يقيناً موت جو هڪ وقت مقرر آهي ان کي ٽارڻ ممڪن ناهي، جيڪڏهن ائين گناھ ڪندي ڪندي يڪدم موت جو پيغام اچي ويو ۽ اسان کي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويو ته نه ڄاڻ اسان جي قبر جي پهرين رات ڪيئن گذرندي!!

یاد رکھ ہر آن آخِر موت ہے               بن تُو مت اَنجان آخِر موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی          عاقِل و نادان آخِر موت ہے


 

 



وسائلِ بخشش(مُرمَّم)،ص۷۱۱