Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

ٿو، ڇوته ان جي زَبان ۽ جسم ۾ طاقت مَوجُود آهي، جڏهن ته مرڻ واري جو آواز ۽ رڙيون تڪليف جي ڪري خَتم ٿي وينديون آهي ڇوته موت جي تڪليف ان وَقت دل تي غَلَبو ڪندي آهي، موت جي تڪليف سڄي بدن جي طاقت کسي هر حصّي کي ڪمزور ڪندي آهي، موت جي تڪليف ڪنهن به حصّي ۾ مدد گھرڻ جي طاقت ناهي رهڻ ڏيندي، موت جي تڪليف سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت تي غالب اچي ان کي حيران ۽ پريشان ڪندي آهي، موت جي تڪليف زَبان کي گُونگو ۽ باقي جِسماني حِصّن کي بي جان ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪو شخص سڪرات جي وَقت روئڻ چاهي، دانهون ڪرڻ چاهي، مدد گھرڻ چاهي، تڏهن به ائين نٿو ڪري سگھي ۽ جيڪڏهن ڪجھ طاقت باقي به هجي ته ان وَقت نڙي ۽ سيني مان غَرغَراهٽ ۽ ڍڳي جي اوڳارڻ جو آواز ئي نڪرندو آهي، رَنگ مٽيالو ٿي ويندو آهي ڄڻ مٽي مان ٺهيو هو ته مرڻ وقت به مٽي ظاهر ٿيندي آهي، هر رَڳ مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري تڪليف جسم جي اَندر ٻاهر هر هنڌ ڦهلجي ويندي آهي، اکين جا تارا مٿي ٿي ويندا آهن، چپ سڪي ويندا آهن، زبان سُڪڙجي ويندي آهي ۽ آڱريون نيريون ٿي وينديون آهن، جنهن بدن جي هر هر رَڳ مان رُوح ڪڍيو ويو هجي ان جي حالت نه پُڇا ڪيو ڇوته جيڪڏهن جِسم جي هڪ رڳ به ڇڪي وڃي ته تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آهي۔ ٿورو غور ته ڪيو جو سڄي رُوح کي هڪ رَڳ مان نه بلڪه هر هر رَڳ مان ڪڍيو ويندو آهي ته ڪيتري قَدر تڪليف ٿيندي هوندي؟ ۽ پوءِ آهسته آهسته جسم جي هر هر حصي تي موت طاري ٿيندو آهي، پهريان پير ٿڌا ٿيندا آهن، پوءِ ڀيڏيون ۽ پوءِ رانون ٿڌيون ٿينديون آهن ۽ اهڙي طرح جسم جي هر هر حصّي کي سختي کان پوءِ وري سختي ۽ تڪليف کان پوءِ وري تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ايستائين جو رُوح حلق تائين ڇڪيو ويندو آهي، اهو ئي اهو وَقت هوندو آهي جڏهن مرڻ واري جون اُمّيدون دُنيا ۽ دُنيا وارن کان ختم ٿي وينديون آهن پوءِ حسرت ۽ شرمساري ان کي چئني پاسن کي گھيري وٺندي آهي۔ (احیاءالعلوم،۵/۵۱۱تا۵۱۲،مترجم ملتقطاً)