Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

انهن کي محبوب ۽ انهيءَ جو آرام انهن کي پسند هو. هو ائين زندگي گذاري رهيا هئا ڄڻ انهن کي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي، ائين ئي هو موت کان غافل، خوشين ۾ بدمست ۽ راندين تماشن ۾ مست هئا. انهن جا ڪفن بازار ۾ اچي چڪا هئا پر هو ان کان بي خبر دنيا جي لذتن ۾ گم هئا، افسوس! انهيءَ بي خبريءَ جي عالم ۾ اهي اوچتو موت جو شڪار ٿي ويا ۽ قبرن ۾ پهچايا ويا، انهن جا ماءُ پيءُ غم ۾ بي حال ٿي ويا، انهن جون بيواهه (عورتون) بي حال ٿي ويون، انهن جا ٻار سڏڪندا رهجي ويا، انهن جي مستقبل جي حسين خوابن جو آئينو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو، اميدون برباد ٿي ويون، انهن جا ڪم اڌورا رهجي ويا، دنيا جي لاءِ انهن جون سڀ محنتون بيڪار ويون، وارث انهن جي ملڪيت ورهائي مزي سان کائي رهيا آهن ۽ انهن کي وساري ڇڏيو اٿن، اهو تصوّر ڪرڻ کان پوءِ هاڻي انهن جي قبر جي حال جي باري ۾ غور ڪريو ته انهن جا جسم ڪيئن ڳري سڙي ويا هوندا، افسوس! انهن جا حسين چهرا ڪيئن بگڙي ويا هوندا، اهي جڏهن ٽهڪ ڏئي کلندا هئا ته انهن جي وات مان گل ڪِرندا هئا پر هاءِ! افسوس! هاڻي انهن جا اهي چمڪدار خوبصورت ڏند ڇڻي چڪا هوندا ۽ وات ۾ پُونء پئجي وئي هوندي، انهن جون ٿلهيون ٿلهيون خوبصورت اکيون نڪِري اچي ڳلن تي پيون هونديون. انهن جا ريشم جهڙا وار قبر ۾ وکري ويا هوندا، انهن جي سنهڙي ڊگهي خوبصورت نڪ ۾ ڪيڙا پئجي ويا هوندا، انهن جي گلاب جي پتن جهڙي نازڪ چپن کي ڪيڙا کائي رهيا هوندا، اهي ننڍڙا ننڍڙا ٻار جن جي پياري ٻوليءَ سان ڏکايل دليون خوش ٿي وينديون هيون، مرڻ کان پوءِ انهن جي زبانن تي ڪيڙا چنبڙيل هوندا، نوجوانن جا قابلِ رشڪ صحتمند ۽ ورزشي جسم خاڪ ۾ ملي ويا هوندا، انهن جا سڀئي جوڙ الڳ الڳ ٿي چڪا هوندا،

اِهو تصور ڪرڻ کان پوءِ هي سوچيو ته افسوس! اهو ئي حال عنقريب منهنجو به ٿيڻ وارو آهي، مون تي به سڪرات جي ڪيفيت طاري ٿيندي. اکيون ڇت ۾ لڳيل هونديون، مٽ مائٽ گڏ ٿي ويندا، امان مون کي ”منهنجو لال