Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

منهنجو لال“ چئي رهي هوندي بابو مون کي ”پٽ پٽ” چئي پڪاري رهيو هوندو، ڀينرن جي طرف کان ”ادا اداجو آواز اچي رهيو هوندو، چاهيندڙ سڏڪا ۽ آهون ڀري رهيا هوندا پوءِ ان روڄ راڙي واري دل ڏڪائيندڙ خوفناڪ ماحول ۾ روح قبض ڪيو ويندو، ڪو اڳتي وڌي منهـنجون اکيون بند ڪندو، مون تي ڪپـڙو ويڙهيو ويندو مٽن مائٽن جي روئڻ سبب روڄ راڙو مچي ويندو، پوءِ غسل ڏيندڙ کي گهرايو ويندو، مون کي غسل جي تختي تي ليٽائي غسل ڏنو ويندو ۽ ڪفن پارايو ويندو، روڄ راڙي ۾ منهنجو جنازو ان گهر مان روانو ٿيندو جنهن گهر ۾ مون سڄي عمر گذاري هئي، ڪلهه تائين جن منهنجا ناز ۽ نخرا برداشت ڪيا هئا، اڄ اهي ئي منهنجو جنازو کڻي قبرستان ڏانهن هلڻ لڳندا، پوءِ مونکي قبر ۾ لاهي منهنجا مائٽ پنهنجن هٿن سان مون تي مٽي وجهندا ۽ پوءِ قبر جي انڌيري ۾ مون کي اڪيلو ڇڏي واپس موٽي ويندا، منهنجي دل وندرائڻ لاءِ ڪوبه اتي نه ترسندو. هاءِ! افسوس! پوءِ قبر ۾ منهنجو جسم ڳرڻ شروع ٿي ويندو، ان کي ڪيڙا کائڻ شروع ڪندا، اهي ڪيڙا خبر ناهي منهنجي ساڄي اک پهريان کائيندا، يا کاٻي اک، منهنجي زبان پهريان کائيندا يا منهنجا چپ، هاءِ! افسوس! ڪيتريقدر آزاديءَ سان منهنجي جسم تي ڪيڙا هَلي رهيا هوندا، نڪ، ڪنن، ۽ اکين ۾ گهڙي رهيا هوندا، ايئن ئي پنهنجي موت ۽ قبر جي حالات جو واري واري سان تصور ڪريو پوءِ مُنڪَر نَڪِير جي آمد، انهن جي سوالن ۽ عذابِ قبر جو خيال دل ۾ آڻيو ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن پيش ايندڙ معاملن کان ڊيڄاريو. هن طرح محاسبي جي ذريعي موت جو تصوُّر ڪرڻ سان اِنْ شَآءَالله دل ۾ موت جو احساس پيدا ٿيندو، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو۔ (ویران محل،ص۱۱تا۱۴)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي ياد جي لاءِ جتي موت جو تصور ڪرڻ ۽ بزرگن جي موت جي ياد بابت واقعا پڙهڻ گھڻو فائديمند آهي، اهڙي طرح امير اهلسنت باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا رسالا "قبر جي پهرين رات، ويران محل، مُردي جا صدما، مُردي جي بيوسي، قبر جو امتحان" وغيره پڙهڻ سان به