Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

جسم مفلوج ٿي وڃي ۽ موت وارن ملائڪن جي آمد ٿي، پنهنجي گناهن کان توبه ڪيون، * هن کان پهريان جو موت جو وقت اچي پهچي ۽ توبه جو دروازو بند ٿي وڃي ۽ حسرت و ندامت اسان کي گهيري وٺي، اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي موت اچڻ کان پهريان پهريان الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي معافي گھرڻ گھرجي۔ گناھ انسان کان ئي ٿيندا آهن پر گناهن تي پڪو رهڻ، انهن تي اِصرار ڪرڻ ۽ توبه کان پاسو ڪرڻ تمام وڏي چريائپ چئبي، مومن جو شان اهو آهي جو جيڪڏهن ان کان ڪو گناھ سَرزَد ٿي وڃي ته يڪدم توبه ڪندو آهي، وري  گناھ ٿي وڃي ته اهو وري توبه ڪندو آهي، ٻيهر گناھ ٿي وڃي ته ٻيهر اهو توبه ڪندو آهي، مطلب ته بار بار توبه ڪرڻ ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضا آهي۔ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي توبه ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن کان معافي گھرڻ جو حڪم فرمايو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪندا آهن الله پاڪ انهن کان گھڻو خُوش ٿيندو آهي ۽ انهن تي پنهنجو خُصُوصِي فضل وڪرم به ڪندو آهي۔ جيئن سيپاري 6 سُورَة المائِده جي آيت نمبر 39 ۾ اِرشاد آهي:

فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِهٖ وَ اَصْلَحَ فَاِنَّ اللّٰهَ یَتُوْبُ عَلَیْهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۳۹)

ترجمو ڪنزالايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کانپوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌرِي وڃي ته الله پنهنجِي مهر (مهرباني) سان رجُوع فرمائِيندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.

تفسيرصِراطُ الجِنان ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان لکيل آهي ته توبه نهايت نَفيس شيء آهي، ڪيترو ئي وڏو گُناھ هجي، جيڪڏهن ان کان توبه ڪئي وڃي ته الله پاڪ پنهنجو حق مُعاف فرمائيندو آهي ۽ توبه ڪرڻ واري کي آخرت جي عذاب کان نَجات ڏئي ڇڏيندو آهي۔ (صراط الجنان،۲/ ۴۳۰)

بڑی کوششیں کی گُنہ چھوڑنے کی                                               رہے آہ! ناکام ہَم یاالٰہی!

مجھے سچی تَوبہ کی تَوفیق دیدے                                     پئے تاجدارِ حرم یا اِلٰہی! [1]


 

 



وسائل ِبخشش (مُرمّم)،ص114