Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته دنيا جي رنگينين ۽ ان جي لذّتن ۾ گم ٿيڻ جي بدران پنهنجي آخرت جي تياري ۾ مصروف رهون۔ حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ارشاد فرمايو؛ ”دنيا ۾ ائين رهو ڄڻ توهان مسافر آهيو يا واٽ ويندڙ۔“  حضرت سيِّدُنا عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائيندا هئا؛ جڏهن تون شام ڪرين ته اچڻ واري صبح جو انتظار نه ڪر ۽ جڏهن صبح ڪرين ته شام جو منتظر نه رھ ۽ تندرستي جي حالت ۾ بيماري لاءِ ۽ زندگيءَ ۾ موت جي لاءِ تياري ڪري ڇڏ۔ (بخاری، کتاب الرقاق، باب قول النبی صلی اللّٰہ علیہ وسلم: کن فی الدنیا۔۔الخ،۴/۲۲۳، الحدیث: ۴۶۱۶)

 الله پاڪ اسان کي دنيا جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ ان جي رنگينين مان ڌوڪو نه کائڻ جي توفيق عطا فرمائي، اٰمين۔ (تفسیر صراط الجنان،ج8،ص171،ملتقطا،وملخصاً)

شہا مَنڈلا رہی ہے موت سرپرپھر بھی میرا نَفس گنا ہوں کی طرف ہردم ہے مائل  یارسولَ اللہ[1]

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تاجدارِ رِسالت، شهنشاھ نَبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، ۽ انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلام موت کي بڪثرت ياد ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي ان جي ياد ڏياريندا هئا، جيئن

روايتن ۾ آهي ته حضرتِ عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن موت جو ذڪر ٻڌندا هئا ته سندن جسم مان رت جا قطرا ڪِرڻ لڳندا ها۔ حضرتِ دائود عَلَيۡهِ السَّلَامجڏهن موت ۽ قيامت جو ذڪر ڪندا هئا ته انهن جو ساھ ٽٽڻ لڳندو هو  ۽ جسم ۾ ڏڪڻي ٿي ويندي هئي، جڏهن رحمت جو ذڪر ڪندا هئا ته سندن حالت سنڀلجي ويندي هئي۔


 

 



وسائل بخشش ،مرمم،ص336