Maut Ki yad Kay Fazail

Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

رسولِ اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جڏهن مان پنهنجون اکيون ڇنڀندو آهيان ته مون کي اهو گمان ٿيندو آهي ته منهنجي اکين جا پنبڻ ملڻ کان پهريان منهنجو روح قبض ڪيو ويندو۔ جڏهن نگاھ کڻندو آهيان ته مون کي لڳندو آهي ته نگاھ جهڪائڻ کان پهريان منهنجو وصال ٿي ويندو، جڏهن ڪو گرھ وات ۾ وجھندو آهيان ته محسوس ٿيندو آهي ته اهو گرھ نڙي مان لهڻ وقت منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي ويندو۔ اي انسانو! جيڪڏهن توهان عقل رکو ٿا ته پاڻ کي مُردن ۾ شمار ڪيو۔ ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي  اِنَّ مَا تُوۡعَدُوۡنَ لَاٰتٍ ۙ وَّ مَاۤ  اَنۡتُمۡ بِمُعۡجِزِیۡنَ ﴿۱۳۴ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو وڃي ٿو ضرور اچڻو آهي. (پاره 8،سورهٔ انعام،آيت نمبر134)

 هڪ ڀيرو حضورِ اڪرم نبي مُڪرَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ مجلس وٽان گذر ٿيو، جنهن ۾ ٽهڪن جو آواز بلند ٿي رهيو هو، پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: پنهنجي مجلسن ۾ لذتن کي بي مزه ڪندڙ کي به شامل ڪيو، ماڻهن عرض ڪيو يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ لذتن کي بي مزه ڪندڙ ڪهڙي شيء آهي؟ فرمايائون؛ موت۔ (موسوعة ابن ابی الدنیا، کتاب ذکر الموت، باب الموت والاستعداد له، ۵/ ۴۲۳، حدیث:۹۵)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو ته نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري قدر موت جو تذڪرو ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي موت جي ياد ڏياريندا هئا، پر افسوس اسان جو معاملو اهڙو ناهي، نه اسان موت کي ياد ڪريون ٿا ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ياد ڏياريون ٿا، بلڪ اسان وڏي ڄمار جي اميد ۾ موت کي وساري ويٺا آهيون۔ انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلام گناهن کان معصوم هئڻ جي باوجود ايترو خوفِ خدا رکن ۽ موت کي ياد ڪن ۽ هڪ اسان مٿي کان پيرن تائين گناهن ۾ ٻڏل آهيون، ان جي باوجود موت کان بي فڪر آهيون.

مُسَلسَل موت نزدیک آرہی ہے ،ہائے! بربادی         کرم! مولیٰ! گناہوں کا مَرَض بڑھتا ہی جاتا ہے