Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل چاليھ (40) تفسيري قولن مان صرف يارهن (11) جي باري ۾ خبر هئي، جنهن سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علمي سمنڊ جي بي پناھ گِهرائي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو۔

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالاتیرا        اُونچے اُونچوں کے سروں سے قدَم ا علیٰ تیرا

سر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                          اولیاء ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا([1])

مختصر وضاحت: اي منهنجا غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اوهان جو رتبو ايتري قدر بلند آهي جو وڏن وڏن ولي سڳورن جي مٿن ۽ گردنن کان سندن جو قدم مبارڪ تمام اونچو آهي، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قدمن جو رتبو اهو آهي جو اهو انهن جي ڪنڌن کان اونچو آهي ته سندن جي سر مبارڪ جي بلندي ۽ عظمت جي  ڪنهن کي خبر هوندي؟ انهيء ڪري اولياءِ ڪرام سندن قدمن جي ترين کان پنهنجون اکيون مَلِي نور حاصل ڪندا آهن ۽ الله پاڪ جي رازن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت علامه ابُوالحسن علي شَطنُوفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تيرهن (13) علوم ۾ بيان ڪندا هئا، سندن مدرسي ۾ ماڻهو کين کان تفسير، حديث، فِقه ۽ عِلمُ الڪلام وغيره پڙھندا هئا، منجهند کان پهريان ۽ بعد ٻئي وقت ماڻهن کي تفسير، حديث، فِقه، ڪلام، اُصول ۽ نَحو پڙھائيندا هئا ۽ ظهر کان پوءِ تجويد ۽ قرات سان قرآنِ ڪريم پڙھائيندا هئا۔ (بہجة الاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً)

خبر پئي ته اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيئي علوم و فنون ۾ زَبَردست


 

 



[1] حدائقِ بخشش،ص١٩