Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

ته بغداد جي ذهين ترين سو (100) فقهاء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام ڪجھ هن طرح منصوبو بڻايو ته هر هڪ جداجدا مختلف علوم وفنون تي طرح طرح جا سوال تيار ڪري ۽ سوال اهڙا هجن ته جن جو جواب غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نه ڏئي سگھن۔ هرهڪ منصوبي مطابق سوال تيار ڪيا ۽ غوثِ پاڪ جي درٻار ۾ حاضر ٿيا،   شيخ مُفرَّج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:  مان به ان وقت حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضر هيس، جڏهن اهي فقهاء ڪرام اچي ويهي رهيا ته پيرانِ پير، روشن ضميرحضرت شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مٿو مبارڪ جھڪائي ورتو، پاڻ جو مٿو جهڪائڻو ئي هو جو سندن مُبارڪ سيني مان هڪ اهڙو نُور نڪتو، جنهن کي هر ان شخص ڏٺو جنهن کي الله پاڪ ڏيکارڻ چاهيو،غوثِ پاڪ جي سيني مان نڪرڻ وارو نُور جڏهن هر هڪ فقيه جي سِيني تائين پهتو ته انهن جا اهي سوال جيڪي انهن تيار ڪيا هئا اهي سڀ جا سڀ انهن جي ذهنن مان ختم ٿي ويا ۽ اهي پريشان ٿي تڙپڻ لڳا، انهن جي هن حالت کانپوءِ   غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه منبر تي جلوه فرما ٿيا هاڻي سڀ فقيہ مٿي اگهاڙي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي منبر اقدس وٽ حاضر ٿيا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه واري واري سان هر هڪ کي سيني سان لڳايو ۽ فرمايائون: توهان جو سوال هي هو ۽ ان جو جواب هي آهي، ائين هڪ هڪ ڪري سڀني جا مسئلا ۽ انهن جا جواب ارشاد فرمايائون۔ شيخ مُفرَّج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته جڏهن مجلس مبارڪ ختم ٿي ته مان انهن فقهاء کان پڇيو: هي ڇا ماجرو آهي؟ انهن ٻڌايو ته جڏهن اسان اتي اچي ويٺاسين ته يڪدم سڀ ڪجھ ائين وسري وياسين جيئن اسان کي ڪجھ ايندو ئي نه هجي، انهيءَ ڪري اسان رڙيون ڪيون ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا پر جڏهن غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان کي پنهنجي مُبارڪ سيني سان لاتو ته اسان مان هر هڪ جو علم واپس آيو ۽ ان کان به وڌيڪ حيرت انگيز ڳالھ هي آهي ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان جي سوالن جا اهي جواب ارشاد فرمايا جيڪي پهريان اسان جي علم ۾ نه هئا۔ (قلائدُ الجواہر،ص ۳۳۔بہجة  الاسرار   ذکر وعظہ ،ص۹۶)

امير اهل سنت، عاشقِ غوثِ اعظم، غوثِ پاڪ سان گھڻي محبت ڪرڻ