Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

وارا، غوثِ پاڪ جي شان و عظمت بيان ڪرڻ وارا، غوثِ پاڪ جي شان ۾ کوڙ ساريون منقبتون لکڻ وارا شانِ غوثِ اعظم بيان ڪندي لکن ٿا:

واقفِ حکمت و اَسرار ہیں   غوثِ اعظم                 دل کے بھیدوں   سے خبردار ہیں   غوثِ اعظم

نائبِ احمدِ مختار ہیں غوثِ اعظم                                 اور سب ولیوں   کے سردار ہیں   غوثِ اعظم([1])

شعرن جي وضاحت: سرڪارِ غوثِ اعظمرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حڪمت ۽ ڳجھن رازن کي ڄاڻن ٿا ۽ دل ۾ لڪيل رازن کان به خبردار آهن، پاڻ رحمت عالم، نبي مڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نائب ۽ ولين جا سردار آهن۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ غوثِ اعظم! اسان جي غوثِ پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي علم دين ۾ اهو عظيم رتبو ائين ئي ناهي مليو،  بلڪ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ چاليھ سالن تائين گھڻي محنت ڪئي، گھر گھاٽ ڇڏي جهنگلن جو گاھ ۽ رکي ماني کائي گذارو ڪيائون۔ ۽ جڏهن اهي سموريون مصيبتون برداشت ڪيون ته الله پاڪ سندن کي اهو رتبو عطا فرمايو جو وڏن وڏن اوليائن جي گردنن تي سندن قدم مبارڪ آهي بلڪ سندن مبارڪ قدمن جي مبارڪ ترين کي اکين تي لڳائي پنهنجي اکين کي منور ڪن ٿا۔

ترا  رُتبہ    اَللّٰہُ    اَکْبَر    سروں    پر                  قدم اَولیا نے لیا غوثِ اعظم([2])

                                                صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مِشن تي هلندي پنهنجي دل ۾ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪريون ۽ ان جي


 

 



[1]  وسائلِ بخشش،۵۵٩

[2]  سامانِ بخشش،ص١١٦