Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

منصب تي مقرر ڪيو ويو ته حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه منبر تي جلوه افروز ٿي خليفي کي فرمايائون ”اي خليفه تو هڪ تمام وڏي ظالم شخص کي قاضي جي منصب تي مقرر ڪيو آهي۔ تون بروزِ قيامت ٻنهي جھانن جي مالڪ ۽ نهايت مهربان رب کي ڇا جواب ڏيندين؟ خليفي جڏهن سندن هن فرمان کي ٻڌو ته ڏڪڻي وٺي ويس ۽ روئڻ لڳو ۽ انهيء مهل ابوالوفا يحييٰ بن سعيد کي قاضي جي عهدي کان هٽائي ڇڏيو۔ (قلائد الجواہر ص6)

 اي عاشقانِ غوث اعظم! ٻڌو اوهان ته اسان جي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي منصب جو ڪيتري قدر لحاظ رکيو ۽ شريعت جي معاملي ۾ ڪيتري قدر سختي فرمائي جو سامهون ويٺل خليفي جي منصب جو به لحاظ نه رکيائون ۽ ان کي شريعت جو حڪم ٻڌائي ربِ ڪريم جي عذاب کان ڊيڄاريو۔

اي عاشقانِ رسول! اهو آهي پنهنجي رب جو حقيقي خوف! جو جنهن جي سامهون منصب ناهي ڏٺو ويندو۔ اهو آهي علم جو حقيقي شان جو جيڪو رب جي ذات جو خوف پيدا ڪندو آهي ڪنهن انسان يا ان جي منصب جو خوف نه۔

اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اسان جنهن سان محبت جي دعويٰ ڪيون ٿا ڇا ان جي طريقن کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا؟ غوثِ پاڪ کي الله پاڪ مضبوط حافظو عطا فرمايو هو، ڪنهن به مسئلي جي جواب جي لاءِ پاڻ يڪدم ۽ درست جواب ڏيندا هئا، ايتري ڪثرت سان فتاويٰ جاري ڪيا جو ڪا فتويٰ هڪ رات به پاڻ وٽ نه رهي۔ پاڻ 100 فُقَهاءِ ڪرام کي لاجواب ڪرڻ جي منصوبي ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ انهن جي ذهنن مان سوالن کي ختم ڪري ڇڏيو۔ پوءِ پاڻ ئي انهن جي سوال جا جواب ڏنا۔ الله پاڪ سندن تي علمِ لدني جا 70دروازا کولي ڇڏيا۔ اسان جي  غوثِ پاڪ تي الله پاڪ جي اهڙي عنايت هئي جو 13 علوم و فنون ۾ گفتگو ڪندا هئا۔ اسان جي غوثِ پاڪ تي الله پاڪ  جي نظر رحمت اهڙي هئي جو قرآنِ ڪريم جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ روزانو  تجويد و قرات سان گڏ قرآن پاڪ پاڻ پڙھائيندا هئا ۽ تفسير قرآن جي