Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مرد کي جائز ناهي ته عورتن وانگر وار وڌائن، ڪجهه صوفي سڏائيندڙ وڏيون وڏيون چوٽيون وڌائيندا آهن جيڪي انهن جي سيني تي نانگن وانگر هيڏي هوڏي ٿينديون آهن ۽ ڪجھ چوٽيون به ٻَڌندا آهن ۽ جوڙو (يعني عورتن وانگر وار ڪنڌ تي گڏ ڪري ڳنڍ) لڳائيندا آهن اهو ناجائز ڪم ۽ شريعت جي خلاف آهي۔ (بہارِ شریعت،۳/۵۸۷) * ننڍڙين ٻارڙين جا وار به مرداني انداز سان نه ڪٽايو، ننڍپڻ کان ئي انهن کي زنانه وار رکڻ جو ذهن ڏيو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل  312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو.