Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

جي رهنمائن يعني عاشقانِ رسول عالم سڳورن جي بارگاھ ۾ هن مسئلي جي حل جي لاءِ حاضري ڏيڻ گھرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو علمِ دِين کان دُوري ۽ جهالت جي ڪري ڪو حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام قرار ڏئي ڇڏي، غور ڪريو جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا بيماري هجي مثال طور ڪن (Ear) ۾ تڪليف هجي ته هو ڪنهن گوشت وڪڻڻ واري وٽ نه ويندو، ڪنهن عام ڊاڪٽر وٽ  به ڪو نه ويندو، بلڪ ان شعبي جي ماهر ڊاڪٽر (Specialist) کان چيڪ اپ ڪرائيندو، اهڙي طرح ميڊيڪل ٽيسٽ به ڪرائڻو پيو ته بهتر کان بهتر ليبارٽري ڳوليندو ڇوته هتي صحت جو معاملو آهي، جان بچائڻي  آهي۔

 اي عاشقانِ رسول! ايمان گھڻي قيمتي شيء آهي، ٿورڙي ناداني ۽ غفلت جي ڪري گناهن جي دلدل ۾ ڦاسجڻ جو انديشو آهي، اچو! اسان ٻڌون ٿا ته قرآنِ ڪريم هن باري ۾ اسان جي  ڪهڙي رهنمائي ڪري ٿو۔ سيپاري 14 سُورۂ نَحل جي آيت نمبر43 ۾ ارشاد آهي:

فَسْــٴَـلُوْۤا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَۙ(۴۳)

ترجموڪنزُالايمان: ته اي انسانو! علم وارن کان پڇو جيڪڏهن توهان کي علم ناهي

دعوتِ اسلامي جي شعبي "دارالافتاء اهلسنت" جا عالم سڳورا اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مختلف انداز سان (مثال طور بالمشافه، بذريعه واٽس ايپ، بذريعه اي ميل، بذريعه فون وغيره) سڄي دنيا جي عاشقانِ رسول جي شرعي رهنمائي ڪري رهيا آهن، اسان به ڪوشش ڪيون ته اسان کي جڏهن به ڪو شرعي مسئلو درپيش هجي ته اسان دارالافتاء رابطو ڪري اتان شرعي رهنمائي وٺي ئي ڪو اڳتي قدم کڻون۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا  غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صلاحيت و قابليت جي اعتبار سان پنهنجي زماني ۾ ممتاز ۽ ڪيئي عُلُوم تي مَهارَت رکندڙ مفتيءِ اسلام هئا۔ منهنجي غوثِ پاڪ جي وصفن مان اهو به آهي ته سندن کي قرآن و حديث تي مهارت حاصِل هئي ۽ سندن کي ڪيتري مهارت حاصِل هئي، اچو ٻڌون ٿا!