Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

كَانُوْا قَلِیْلًا مِّنَ الَّیْلِ مَا یَهْجَعُوْنَ(۱۷) وَ بِالْاَسْحَارِ هُمْ یَسْتَغْفِرُوْنَ(۱۸)

تَرْجمو ڪنزالايمان :  اهي رات ۾ ٿورو سمهندا هئا ۽ پوئين رات بخشش گهرندا هئا

تفسيرِ صراط الجنان جو خلاصو هي آهي : پرهيزگار ماڻهن جو نيڪ اعمال ڪرڻ ۾ حال اهو هوندو هو جو اهي رات تهجّد ۽ شبِ بيداري ۾ گذاريندا هئا ۽ رات ۾ جيڪڏهن ٿوري دير سمهي پوندا هئا ته ايترو سمهڻ کي به پنهنجو قصور سمجهندا هئا ۽ رات تهجد ۽ شبِّ بيداري ۾ گذارڻ جي باوجود به اهي پاڻ کي گنهگار سمجهندا هئا ۽ رات جو پويون پَهر الله تعاليٰ کان مغفرت طلب ڪرڻ ۾ گذاريندا هئا. (مدارک ، الذّاریات ، تحت الآیۃ : ۱۷-۱۸ ، ص۱۱۶۷ ، جلالین مع جمل ، الذّاریات ، تحت الآیۃ : ۱۷-۱۸ ، ۷ / ۲۷۹ ، ملتقطاً)

رات جو آخري حصو الله تعاليٰ کان مغفرت طلب ڪرڻ ۽ دعا جي لاءِ گهڻو مفيد آهي. هتي هن جي متعلق هڪ حديث پاڪ به ملاحظه ڪيو. جيئن ته

 حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  کان روايت آهي ، نبي اڪرم صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو “ اسان جو ربّ تعاليٰ هر رات ان وقت آسمانِ دنيا جي طرف رحمت جي نظر فرمائيندو آهي جڏهن رات جو ٽيون حصو باقي رهجي ويندو آهي ته فرمائيندو آهي “ ڪوئي اهڙو آهي جيڪو مون کان دعا ڪري ته جيئن مان ان جي دعا قبول ڪريان ، ڪوئي اهڙو آهي جيڪو مون کان سوال ڪري ته جيئن مان ان کي عطا ڪريان ، ڪوئي اهڙو آهي جيڪو مون کان معافي گهري مان ان کي بخشي ڇڏيان. ( بخاری ، کتاب التّھجّد ،  باب الدّعاء والصّلاۃ من آخر اللّیل ،  ۱ / ۳۸۸ ،  الحدیث : ۱۱۴۵)

مشهور مفسر مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي شرح بيان فرمائي جنهن جو خلاصو آهي : هن مان معلوم ٿيو ، رات ڏينهن کان افضل آهي جو هر رات جي آّخري پهر ۾ الله جي رحمت ۽ ڪرم توجھ فرمائيندو آهي ۽ هي قبوليت جي هڪ گهڙي ناهي بلڪ ڪيئي ڪيئي گهڙين تي مشتمل آهي