Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

جڏهن ته ڏينهن ۾ قبوليت جي گهڙي هفتي ۾ هڪ ڏينهن يعني جمعي تي ايندي آهي ۽ اها به اسان کان لڪل هوندي آهي. الله پاڪ ان وقت گُهرڻ جي توفيق ڏئي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پنهنجي پٽن جي لاءِ الله پاڪ کان معافي گهرڻ لاءِ به رات جي آخري پهر ئي جو انتخاب ڪيو جيئن ته

قَالُوْا یٰۤاَبَانَا اسْتَغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَاۤ اِنَّا كُنَّا خٰطِـٕیْنَ(۹۷) قَالَ سَوْفَ اَسْتَغْفِرُ لَكُمْ رَبِّیْؕ-اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ(۹۸)

 تَرْجمو ڪنزالايمان : چيائون اي اسان جا بابا اسان جي گناهن جي معافي طلب ڪر بيشڪ اسان خطاوار آهيون. چيائين جلد مان توهان جي بخشش پنهنجي ربّ کان گهرندس بيشڪ اهو بخشڻهار مهربان آهي.

مفسرين ڪرام فرمائن ٿا ته حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پنهنجي پٽن جي لاءِ دُعا ۽ مغفرت کي سحري جي وقت تائين مؤخر فرمايو ڇوته اهو وقت دعا جي لاءِ سڀ کان بهترين آهي ۽ اهو ئي وقت آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمائيندو آهي “ آهي ڪو دعا گهرڻ وارو ته مان ان جي دعا قبول ڪريان ، جيئن ته جڏهن سحري جو وقت ٿيو ته حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام نماز پڙهڻ کانپوءِ هٿ کڻي الله پاڪ جي درٻار ۾ پنهنجي صاحبزادن جي لاءِ دعا ڪئي ، دعا قبول ٿي ۽ حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي وحي ڪئي وئي ته صاحبزادن جي خطا معاف ڪئي وئي آهي. (تفسیر صراط الجنان ، ۵ / ۵۵تا۵۶ )  

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هر وقت نيڪين ۾ مصروف رهڻ جي باوجود پاڻ کي گنهگار تصوّر ڪندا ۽ هميشه الله پاڪ کان ڊڄندا رهندا هئا ، ايسيتائين جو خوفِ خدا سبب ڪيئي سڄي سڄي رات عبادت ڪندي پنهنجو