Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

آهيان. (شمائل الترمذی مع جامع الترمذی باب ماجاء فی اسماء رسول اﷲ الخ نور محمد کارخانہ تجارت کتب کراچی ۲ / ۵۹۷)(مسند احمد بن حنبل ، حدیث حضرت حذیفہ بن یمان رضی اﷲ عنہ ، دارالفکربیروت ، ۵ / ۴۰۵)  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ مبارڪ نالو “ نبي التوبه “ به آهي. امام اهلسنت سيّدي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فتاويٰ رضويہ ۾ هن مبارڪ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي نبيّ التوبه جا مختلف سبب بيان فرمايا آهن ، جن مان ڪجھ خلاصي طور پيش خدمت آهن :

 حضور پرنور ، بي چين دلين جي سُرور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نيڪي جي دعوت جي برڪت سان ڪثير مخلوق توبه ڪئي ، سندن جي برڪت سان مخلوق کي توبه نصيب ٿئي ، ۽ جيتري قدر سندن هٿ تي مخلوق توبه ڪئي ڪنهن ٻئي نبي جي هٿ تي ايترن کي توبه نصيب نه ٿئي ان ڪري اسان جي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کي “ نبي التوبه “ (يعني توبه وارا نبي) چيو وڃي ٿو.

پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثير التوبه ، سندن امت سڀ امتن کان وڌيڪ توبه ڪرڻ واري ، ۽ سندن امت جي توبه سڀني امتن کان وڌيڪ مقبول ۽ پاڻ توبه ڪرڻ وارن جا نبي ان ڪري اسان جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نبي التوبه “ چيو وڃي ٿو.

پاڻ ڪريم ئي توبه جو دروازو کولڻ وارا ، پاڻ ئي توبه قبول ڪرڻ وارا ، پاڻ جي ئي امت جي آخري زماني ۾ توبه جو دروازو بند ٿيندو انڪري اسان جي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي “ نبي التوبه “ چيو وڃي ٿو.

(عمدۃ القاری ، کتاب الدعوات ، باب اِسْتِغْفَار النبی فی الیوم واللیلۃ ، ۱۵ / ۴۱۳ تحت الحدیث : ۶۳۰۷)

          گناهن کان سندن جي طرف توبه ڪئي ويندي آهي ۽ پاڻ نبي التوبه هيئن آهن جو ٻانهن کي حڪم آهي ته سندن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي توبه و استغفار ڪن. ان ڪري اسان جي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کي “ نبي التوبه “ چيو وڃي ٿو.