Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

توبہ نِباہ میں نہیں پاتا ہوں یانبی!                                اب استِقامت آپ شہا دیجئے حُضُور

 

 مختصر وضاحت : يارسول الله مان گناهن کان توبه ڪريان ٿو پر ان تي قائم نٿو رهي سگهان اوهان مون کي توبه تي قائم رهڻ جي توفيق عطا فرمايو.

تھام لے دامن شاہ لولاک تو                                                                  سچی توبہ سے ہو جائے گا پاک تو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اسان جي پياري آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪثرت سان استغفار ڪندا هئا ، اچو هن متعلق وڌيڪ به ڪجهه ٻڌون ٿا : جيئن ته

 حضرت علامه بدرالدين عيني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا : نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هميشه بلند درجات جي طرف ترقي ڪندا رهندا آهن ۽ جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ حال کان ٻي حال جي طرف ترقي ڪندا هئا ته پنهنجي پهرين حال تي استغفار ڪندا هئا.

(عمدۃ القاری ، کتاب الدعوات ، باب اِسْتِغْفَار النبی فی الیوم واللیلۃ ، ۱۵ / ۴۱۳ تحت الحدیث : ۶۳۰۷)

 حضرت علامه بدرالدين عيني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو : نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عاجزي ڪندي استغفار ڪندا هئا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو استغفار فرمائڻ تعليمِ امت جي لاءِ آهي.

(عمدۃ القاری ، کتاب الدعوات ، باب اِسْتِغْفَار النبی فی الیوم واللیلۃ ، ۱۵ / ۴۱۳ تحت الحدیث : ۶۳۰۷)

اسان جا پيارا پيارا مرشد قبله سيّدي اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به پنهنجي مريدن ۽ طالبن کي ڪثرت سان استغفار ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي شجره شريف ۾ فرمائن ٿا ته ڏينهن يا رات ۾ ڪنهن به وقت روزانو 70 ڀيرا هي پڙهندا ڪريو : اَسْتَغْفِرُاللہَ الْعَظِیْمَ وَاَتُوْبُ اِلَیْہ. اي ڪاش اسان استغفار سان گڏو گڏ شجره شريف جا تمام اوراد پڙهڻ وارا بڻجي وڃون.