Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

اڃان گهڻو تيز هلڻ لڳا ، نانگ پٺيان ئي هو ، ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باهه جي اٻرندڙ کڏن وٽان گذريا ، قريب هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان ۾ ڪري پون ها ، ايتري ۾ هڪ آواز آيو “ تون منهنجو اهل ناهين “ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  هلندا رهيا ايستائين جو هڪ پهاڙ تي چڙهي ويا ، ان تي شاميانه لڳل هئا ، اوچتو هڪ آواز آيو “ هن نااميد کي دشمن جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پهريان ئي گهيري وٺو “ ته ڪيئي ٻارن ان کي گهيري ورتو جن ۾ سندن جي اها ڌيءُ به هئي ، اها سندن وٽ آئي ۽ پنهنجو ساڄو هٿ ان نانگ کي هنيو ته اهو ڀڄي ويو ۽ پوءِ اها سندن هنج ۾ ويهي ڪري هي آيت پڙهڻ لڳي :

اَلَمْ یَاْنِ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَ مَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّۙ-

ترجمو ڪنزالايمان : ايمان وارن جي واسطي اڃان اهو وقت نه آيو جو انهن جون دليون جُهڪي وڃن الله جي ياد ۽ ان جي حق جي واسطي جيڪو لٿو.   (پارہ27سورۃ الحدید ، آیت16)

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا : مون پنهنجي ڌيءُ کان پڇيو : ڇا اوهان فوت ٿيل قرآن به پڙهندا آهيو؟ ان جواب ڏنو : جي ها! اسان توهان زندھ رهڻ وارن کان وڌيڪ معرفت رکندا آهيون. پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڌيءُ کان هتي رهڻ جو مقصد پڇيو ته ان ٻڌايو : هي ٻار قيامت تائين هتي بيهي پنهنجي والدين جو انتظار ڪندا جن انهن کي اڳتي موڪليو آهي. پوءِ ان نانگ جي باري ۾ پڇيو ته ان ٻڌايو. “ اهو تنهنجو برو عمل آهي “ پوءِ ان پوڙهي شخص جي باري ۾ پڇيو ته ان ٻڌايو. اهو تنهنجو نيڪ عمل آهي ، اوهان ان پنهنجي عمل کي ايترو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو ان ۾ اوهان جي بري عمل جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت ناهي ، تنهنڪري اوهان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ توبهه ڪريو ۽ هلاڪ ٿيڻ کان بچو. پوءِ اها بلنديءَ تي هلي وئي جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيدار ٿيا ته انهيءَ وقت سچي توبهه ڪري ورتائون۔ (روض الریاحین ، ص91)