Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان جي سکڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ، ٿي سگهي ٿو ته اسان کان به ڪيئي اهڙا واقعا ظاهر ٿي چڪا هجن جو جنهن کان پوءِ اسان کي شايد نئين زندگي ملي هجي ، ڪڏهن ڪڏهن خواب ۾ به اهڙا اشارا ملندا آهن جو سمجهڻ واري جي لاءِ ان ۾ عبرت جو سامان هوندو آهي ، پر اسان شايد ان کي به “ هڪ خواب “ يا “ هڪ خيال “ سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا هونداسين ته هي ڪهڙو حقيقت ۾ آهي؟ ڪڏهن اهڙي طرح پنهنجي دل کي سمجهائيندا هونداسين ته هن طرح جا خيال ته ايندا رهندا آهن جو جنهن ۾ موت جو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، ۽ حقيقت ۾ ڪو نصيحت ڪرڻ وارو ڄڻ ته اسان کي غفلت جي خواب مان جاڳائي رهيو هوندو آهي ته هاڻي سنڀلجي وڃ. اهو ئي وقت آهي توبهه ڪرڻ جو ، اهو ئي وقت آهي گناهن کان جان ڇڏرائي الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ زندگي گذارڻ جو.

   اي ڪاش! جو اسان اهڙن خاموش پيغامن کي سنجيده وٺندي حقيقي طور تي گناهن جي دلدل کان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ، اچو! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪريون ٿا :

ہماری بِگڑی ہوئی عادتیں نکل جائیں               مِلے گناہوں کے امراض سے شفا یا رب

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دم             کریں نہ رُخ مِرے پاؤں گناہ کا یا رب

(وسائلِ بخشش مُرمم76)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! في زمانه شيطاني وسوسن کان بچڻ ، ايمان جي سلامتي ، نيڪين تي استقامت ماڻڻ ، سنتن جو پابند بڻجڻ ، گناهن کان سچي نفرت ڪرڻ ، ايمان جي حفاظت جو جذبو پنهنجي اندر بيدار ڪرڻ ۽ توبهه تي ثابت قدمي ماڻڻ جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ نهايت ضروري