Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

راضي ٿي زندگي گذاريندي حرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قناعت چوندا آهن۔ (جنتي زيور ، ص۱۳۶بتغير قليل) *روزمرّه اِستِعمال ٿيڻ وارين شين جي نه هئڻ تي به راضي رهڻ قناعت آهي۔ (التعريفات للجرجاني ، باب القاف ، تحت اللفظ : القناعة ، ص۱۲۶) *لالچ نهايت ئي بُري خَصْلَت ۽ نِهايت خراب عادت آهي ، الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزق ۽ نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا جاه (يعني عزّت) ۽ مَرتَبو مليو آهي ، ان تي راضي ٿي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ (جنتي زيور ، ۱۱۰ملخصا) *بلعم بن باعوراء جيڪو تمام وڏو عالم ۽ مستجاب الدعوات هو ، حرص ۽ لالچ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت ، ص۳۶۷ ماخوذا) *الله پاڪ فرمائي ٿو : اهو شخص منهنجي ويجھو سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي جيڪو منهنجي ڏنل شيء تي سڀ کان وڌيڪ قناعت ڪرڻ وارو آهي۔ (ابنِ عساڪر ، رقم ۷۷۴۰ ، موسيٰ بن عمران ، ۶۱ / ۱۳۹ ملخصا) 

*قناعت اپنائڻ لاءِ احاديث ۽ بزرگانِ دين جي اقوالن جو مطالعو ڪيو. *الله پاڪ تي مضبوط يقين رکو ۽ هن ڳالھ کي دل ۾ سمائي ڇڏيو ته منهنجو سمورو حال الله پاڪ ڄاڻي ٿو. *آخرت جي حساب کان پاڻ کي ڊيڄاريو ۽ پنهنجي تنگ حالت کي آخرت لاءِ بهتر بنائڻ جي ارادي سان صبر اختيار ڪيو. *اهڙن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيو جيڪي قناعت پسند هجن ۽ هرحال ۾ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ وارا هجن. *مال ۽ دولت جي حرص ختم ڪيو ، هن لاءِ دنيا جي فنا ٿيڻ ۽ آخرت ۾ هميشہ باقي رهڻ وارين نعمتن جي ملڻ کي ذهن ۾ رکو. *الله پاڪ کان دعا به ڪيو ته هرحال ۾ خوش رهڻ ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “ بهار شريعت “ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “ سنتیں اور آداب “ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت