Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْؕ-اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًاۙ(۱۰) یُّرْسِلِ السَّمَآءَ عَلَیْكُمْ مِّدْرَارًاۙ(۱۱) وَّ یُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّ بَنِیْنَ وَ یَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّ یَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًاؕ(۱۲)

تَرْجمو ڪنزالايمان : پنهنجي رب کان مُعافي گهرو اهو تمام گهڻو معاف فرمائيندڙ آهي توهان تي وڏڦڙي ۽ تِکي بارش موڪليندو ۽ مال ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي واسطي باغ بنائي ڇڏيندو ۽ توهان جي واسطي نهرون بنائيندو.

(خازن ، نوح ، تحت الآیۃ : ۱۰-۱۱ ، ۴  /  ۳۱۲ ، تفسیر ثعلبی ، نوح ، تحت الآیۃ : ۱۲ ، ۱۰  /  ۴۴)

حضرت خواجه امام حسنِ بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي آيتون تلاوت ڪيون ، انهن جو ترجمو به اوهان ٻڌو اچو! هاڻي هنن آيتن جي تفسير صراط الجنان مان ٻڌون ٿا :

 تفسيرِ صراط الجنان ۾ هنن آيتن جي تفسير ڪجھ هن طرح آهي ته : جڏهن قومِ عاد حضرت هود عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي دعوت قبول نه ڪئي ته الله پاڪ انهن جي ڪفر سبب ٽي (3) سال تائين بارش روڪي ڇڏي ۽ نهايت سخت ڏُڪار ظاهر ٿيو ۽ اُن جي عورتن کي سُنڍ ڪري ڇڏيو ، جڏهن اهي ماڻهو گهڻو پريشان ٿيا ته حضرت هود عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام واعدو ورتو ته جيڪڏهن اهي الله پاڪ تي ايمان آڻن ۽ اُن جي رسول جي تصديق ڪن ۽ ان جي حضور توبهه و استغفار ڪن ته الله پاڪ بارش موڪليندو ۽ انهن جي زمينن کي سرسبز و شاداب ڪري تروتازه زندگي عطا فرمائيندو ۽ قوت ۽ اولاد ڏيندو.

اي عاشقانِ صحابه و اولياء! ڏٺو اوهان ته حضرت سيّدنا امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ قرآن ڪريم جي باري ۾ ڪهڙي نه زبردست سمجھ رکندا هئا. ڪيڏي نه مهارت هئي ، علومِ قرآن تي ڪهڙي نه نظر هئي؟ ماڻهن جو مختلف معاملن ۾ سندن ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ فيض وٺڻ جي لاءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ جو ڪهڙو نه معمول هو؟ انهيء طرح حضرت خواجه امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي به قرآنِ ڪريم تي ڪهڙي نه نظر هئي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي قرآنِ ڪريم ۾ ڪهڙي نه مهارت هئي. ان مان اها به خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن اسان کي به