Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

اهو آهي اسلام جو خانداني نظام جو جنهن جي تحت هر هڪ جي لاءِ اهڙو پيارو اُصُول بيان فرمايو ويو جو ان تي عَمَل ڪرڻ جي صورت ۾ پاڻ ۾ پيار ۽ مَحبَّت جو اهو مثال قائم ٿي سگھي ٿو جو ماڻهن ۾ جھيڙا، ساڙ ۽ ڪينو، حسد و تڪبر ۽ هڪ ٻئي جي قتل جون مَذمت جوڳيون وارداتون پڻ ختم ٿي وينديون ۽ هر گھر امن جو گهوارو بڻجي ويندو۔

اچو هاڻي ٻڌون ٿا ته اسان جي بُزُرگانِ دِين جو خانداني نظام ڪهڙو هوندو هو ۽ ان جو پنهنجي رت جي رشتيدارن سان تَعَلّق ڪهڙو هو؟۔

ڀيڻ ڀاءُ جو پاڻ ۾ ناتو ڪيئن هجي

حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي پنهنجي ڀاءُ سان مَحبَّت ڏسو جو ان جي لاءِ دُعا فرمائي رهيا آهن، جنهن جو ذڪر ربِّ ڪريم پنهنجي ڪلامِ پاڪ ۾ فرمايو: سيپاري 9، سورۂ الاعْراف جي آيت نمبر151 ۾ ارشاد آهي:

قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِیْ وَ لِاَخِیْ وَ اَدْخِلْنَا فِیْ رَحْمَتِكَ ﳲ وَ اَنْتَ اَرْحَمُ الرّٰحِمِیْنَ۠(۱۵۱)

ترجموڪنز الايمان: عرض ڪيائِين اي مُنهنجا رب مُون کي ۽ مُنهنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تُون سمُورن مِهربانن کان وڌِيڪ مِهربان آهين.

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان لکيل آهي ته اها مغفرت جي دُعا اُمّت جي تعليم جي لاءِ آهي، نه ته انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام گناهن کان پاڪ هوندا آهن، ان ڪري حضرت موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام پنهنجي ڀاءُ کي هن دعا ۾ شامل فرمايو جڏهن ته ان کان ڪا ڪوتاهي نه ٿي هئي۔ هن دعا ۾ حضرت هارون عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي دِلجوئي ۽ قوم اڳيان سندن جي اِڪرام جي اظهار جو به مقصد هو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام سان سندن ڀائرن جيڪو رويو اپنايو اهو ڪيتري قدر تڪليف ده هو پر پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام اِنتِقَام وٺڻ بدران معاف ڪري ڇڏيو، جيئن سيپاري