Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

13،سُوره يوسُف جي آيت نمبر92 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

قَالَ لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْكُمُ الْیَوْمَؕ-یَغْفِرُ اللّٰهُ لَكُمْ٘-وَ هُوَ اَرْحَمُ الرّٰحِمِیْنَ(۹۲)

ترجمو ڪنز الايمان: چيائين اڄ توهان تي ڪا ملامت ناهي الله توهان کي معاف ڪري ۽ اهو سمورن مهربانن کان وڌيڪ مهربان آهي.

حديثِ مبارڪه ۾ آهي: جنهن جون ٽي نياڻيون يا ٽي ڀينرون هجن يا ٻه نياڻيون يا ٻه ڀينرون ۽ ان انهن سان سٺو ورتاء ڪيو ۽ انهن جي باري ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو رهيو ته ان کي جنّت ملندي۔ (ترمذى،۳/۳۶۷،حديث:۱۹۲۳) بلڪه هڪ ڀيري ته چار آڱريون گڏائي جنّت ۾ گڏ هئڻ جي خوشخبري ٻڌائي: اهڙو شخص جنت ۾ مون سان گڏ هيئن هوندو۔ (مسند احمد،۴/۳۱۳،حديث:۱۲۵۹۴)

ہو بہرِ ضیاء نظرِ کرم سُوئے گنہگار                      جنّت میں پڑوسی مجھے آقا  کا بنا دے

 حضرت جابر جو پنهنجي ڀينرن سان سُلُوڪ    

          اي عاشقانِ رسول! ٻڌو اوهان! ڀينرن سان سٺو برتاؤ ڪرڻ سَبَب جنت ته ملندي ئي بلڪه جنت ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ به ملندو۔ بعض صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ته پنهنجي ڀينرن جي خاطر وڏيون وڏيون قربانيون به ڏنيون آهن جيئن ته حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه صرف پنهنجي 9 يا 7 ڀينرن جي سار سنڀار، انهن جا وار سنوارڻ ۽ چڱي تربيت جي خاطر هڪ بيوه عورت سان نڪاح ڪيائون۔ جڏهن رسولِ اڪرم، نبي مڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ته پاڻ برڪت جي دعا فرمائي۔ (مسلم،ڪتاب الرضاع،باب استباب البڪر، حديث : ۳۶۴۱)

مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خوش دلي سان ٻن نياڻين کي نپائڻ، چاهي پنهنجون نياڻيون هجن يا ڀينرون هجن يا يتيم ٻارڙيون، قيامت ۾ حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان قُرب جو ذريعو آهي ۽ جنهن کي ان ڏينهن حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو قُرب نصيب ٿي وڃي ان کي سڀ ڪجھ ملي ويندو۔ ( مراٰۃالمناجيح ، ۶/ ۵۴۶)