Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي مخاطب ڪري فرمايو ته ٻڌايو اهو ڪهڙو وڻ آهي جنهن جا پن ناهن ڪرندا، ۽ هو مومن جي مثل آهي۔ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جو صاحبزادو حضرت عبدالله رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه به اتي موجود هو، اهو فرمائي ٿو ته منهنجي دل ۾ ان جو جواب آيو ته اهو کجي جو وڻ آهي پر مان وڏن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي موجودگي ۾ جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھيو ۽ خاموش رهيس۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ ئي جواب ارشاد فرمايو ته اهو کجي جو وڻ آهي. واپسي تي مون پنهنجي والد حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کي سوال جي جواب بابت ٻڌايو ته مون کي ان سوال جو جواب ايندو هو پر مان اوهان سڀني جي سبب خاموش رهيس۔ (ترمذي،ڪتاب الامثال، ما جاء في مثل المؤمن...الخ، ج۴، ص۳۹۶، حديث:۲۸۷۶) 

اها هئي اسان جي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي تعليم ۽ وڏن جو ادب، جو ڳالھ معلوم هئڻ باوجود وڏن جو ادب ڪيو ۽ جواب نه ڏنائون ته ڪٿي وڏن کي شَرمِندَگي نه ٿئي۔ ننڍا ايترو ادب و اِحتِرام ڪندا ها جو وڏن جي موجودگي ۾ محفل ۾ ڳالهائڻ به بي ادبي تَصَوُّر ڪندا هئا۔ پر افسوس! اڄ وڏن ۽ ننڍن جي وچ ۾ محبت ۽ ادب اهڙو ناهي رهيو۔ اڄ اسان جي وچ ۾ وڏن ۽ ننڍن ۾ اهڙي حَياء جا مثال گھٽ ئي نظر ٿا اچن۔ نه ننڍن ۾ وڏن جو ادب آهي ۽ نه وڏن ۾ ننڍن تي شَفقَت آهي۔

اي عاشقانِ رسول! ڇا اوهان کي خبر آهي: اسان ۾ ننڍي وڏي جي تميز ڇو ختم ٿي وئي آهي؟ ڇو ننڍا وڏن جو ادب ۽ وڏا ننڍن سان محبت نٿا ڪن، ان جو سڀ کان وڏو سبب دِين اسلام ۽ ان جي تعليمات کان دُوري آهي۔ اسان پنهنجي اولاد کي دنياوي ماڻهن سان ڳالھ ڪرڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجو درجو وڏو رکڻ جي لاءِ مهانگن اسڪولن ۾ دنياوي تعليم ته ڏياريون ٿا پر آخرت ۾ ڪاميابي جي لاءِ ۽ زندگي جي اسلامي مقصد جي لاءِ ان کي ديني تعليم نٿا