Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

ڏياريون۔ اسان انهن کي دنيا ۾ ڪامياب ڪاروبار ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي خوشحال گذارڻ جي لاءِ تعليم ۽ ڊپلوما ته ڏياريون ٿا پر قبر جي اِمتحَان ۾ ڪاميابي ۽ آخرت ۾ جنت جي حُصُول جي لاءِ نماز جي تعليم ۽ پنهنجي فرائض جي بنيادي تعليم کان محروم رکون ٿا۔ اسان جو فُوڪَس دُنياوِي جاب (Job) ته آهي پر فرائض و واجبات اسان وساري ويٺا آهيون۔ اسان کي دنياوي شين جي مڪمل معلومات ته آهي پر شرعي احڪامات جو اسان کي علم نه آهي۔

ياد رکو! دنيا جون تمام ڪاميابيون اسلامي تعليمات ۾ پوشيده آهن۔ اسلامي تعليم ئي اها تعليم آهي جيڪا دنيا ۾ به ڪامياب بڻائي ٿي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي ڏياري ٿي۔ اڄ عام طور تي دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ جو وڏو مقصد مال جو حُصُول آهي جڏهن ته دين اسلام جي تعليم اهو فرمائي ٿي ته توهان پنهنجي رت جي رشتيدارن سان سٺو ورتاؤ ڪيو، الله پاڪ توهان جو رِزق وڌائيندو۔ گهڻو عرصو زنده رهڻ ۽ زندگي مان لطف وٺڻ جي لاءِ ورزش ۽ مُختَلِف غذائن جو سهارو ورتو ويندو آهي پر اسلام جي تعليمات اها آهي ته پنهنجي رت جي رشتن سان سٺو سُلُوڪ ڪيو توهان جي عمر ۾ بَرَڪت وِڌي ويندي۔ اڄ مال جي خاطِر ڀيڻ ڀاءُ کي ڇڏيو ويندو آهي پر اسلام جي تعليمات اها آهي ته ڀيڻ ڀاءُ سان تَعَلّق رکو توهان جي مال ۾ بَرَڪت وڌي ويندي۔ اڄ معاشي طور تي مضبوط هئڻ جي لاءِ پنهنجي قريبي رشتن سان تَعَلّق ٽوڙيو ويندو آهي ۽ اڪيلو رهي ڊپريشن ۽ طرح طرح جي بيمارين جا شڪار ٿي ويندا آهن جڏهن ته اسلامي تعليم تي عمل ڪرڻ وارا پنهنجي رشتن کي جوڙي پنهنجي رِزق ۽ عمر ۾ بَرَڪت سان گڏوگڏ انهن هلاڪ ڪرڻ وارين بيمارين کان به پري رهندا آهن۔ اڄ جنهن دنيا کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ۽ پنهنجي ڀيڻ ڀاءُ سان تَعَلّق ٽوڙي خوب مال و دولت حاصِل ڪندا آهن پر بي سڪوني ۽ وڏين وڏين بيمارين ۾ مُبتَلا به ٿي ويندا آهن۔ هن ئي دنيا جا دنياوي دانشور هن ڳالھ کي تسليم ڪن ٿا ته انسان پنهنجي رت جي رشتن کان پري رهي طرح طرح جي بيمارين جو شِڪار ٿي ويو آهي۔ انهيء سبب ماڻهن