Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

۾ عدمِ بَردَاشت ۽ تنهائي جو اِحسَاس تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي سان تمام جلد جھيڙو ڪري وٺندا آهن۔ اهي جيستائين پنهنجي خانداني نظام سان گڏ زندگي گذاري رهيا هئا تيستائين اهي بي سڪوني ۽ طرح طرح جي نئين بيمارين کان بچيل هئا پر جڏهن ان هن نظام کان پاسو ڪري پنهنجي الڳ سان زندگي گذارڻ شروع ڪئي تڏهن کان ان کي طرح طرح جي بيمارين جکڙي ورتو آهي۔

اي عاشقانِ رسول! اچو اسان اسلام جي احڪامن کي لازم ڪري وٺون، ڇوته انهيء ۾ ٻنهي جھانن جون ڀلائيون آهن۔ اچو! اسان دل مان بغض ۽ ڪيني کي دُور ڪري پنهنجي خوني رشتن سان تَعَلّق کي قائم ڪريون * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان الله پاڪ جي رضا حاصِل ٿيندي آهي.  *رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي۔ * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان ملائڪ خوش ٿيندا آهن * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ واري جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان شيطان کي رنج پهچندو آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان رزق ۾ بَرَڪت ٿيندي آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان فوت ٿي وڃڻ وارا مسلمان پيءُ ڏاڏا خوش ٿيندا آهن * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان وفات کان پوءِ ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ڇوته جڏهن ماڻهن کي ان جو اِحسَان ياد ايندو آهي ته ماڻهو ان جي لاءِ دُعاءِ خير ڪندا آهن۔ (تَنبيه الغافِلين،باب صلۃ الرحم، ص73) * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو ثواب جلد ملندو آهي * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ قِيامَت جي ڏينهن حساب کان بچائيندو۔ * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ سان سٺو موت نصيب ٿيندو ۽ رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ وارو قِيامَت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ ۾ هوندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه