Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو ته صله رحمي ڪرڻ واجب آهي يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ واجِب آهي ۽ ان جا تمام گهڻا فائدا آهن۔ اچو هاڻي ٻڌون ٿا ته رشتيدارن سان سٺي سلوڪ مان ڇا مراد آهي؟

امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري دَامَت بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه رشتيدارن سان سٺي سُلُوڪ جي تمام پياري وضاحت فرمائيندي لکن ٿا: صلهءِ رِحم (يعني رشتيدار سان سلوڪ) جون مختلف صورتون آهن، انهن کي هديو ۽ تحفو ڏيڻ، ۽ جيڪڏهن ان کي ڪنهن ڳالهه ۾ توهان جي مدد درڪار هجي ته ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات جي لاءِ وڃڻ، انهن وٽ اُٿڻ ويهڻ، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن سان مهرباني سان پيش اچڻ[1] آهي۔

رشتيدارن سان صله رحمي ڪرڻ واجب آهي

اي عاشقانِ رسول! شَريعَت وک وک تي مائٽن سان سٺو ورتاء ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن سان جيترو قريبي رشتو آهي ان سان ايترو ئي وڌيڪ صله رحمي جو حڪم ڏنو ويو آهي، عَلَّامَه يحييٰ بن شَرَف نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حسنِ سُلُوڪ جي سڀ کان وڌيڪ مُستَحِق ڀاتين جي ترتيب بيان ڪندي فرمائن ٿا: حسن سُلُوڪ جي سڀ کان وڌيڪ حقدار ماءُ آهي، پوءِ پيء، پوءِ اولاد پوء ڏاڏو ۽ ڏاڏي، پوءِ ڀيڻ ۽ ڀاءُ، پوءِ تمام رت جا رشتيدار يعني چاچو، پڦي، مامو ۽ ماسي۔ هاڻي انهن مان جن سان جيترو قريبي تَعَلّق آهي ان کي ٻين تي ترجيح حاصِل هوندي۔ اهڙا رشتيدار جن جو تَعَلّق ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي کان آهي، انهن کي انهن رشتيدارن تي ترجيح ڏينداسين جن جو تَعَلّق فقط ماءُ يا فقط پيء سان آهي۔ ان کان پوءِ چاچو، پڦي، مامو ۽ ماسي جو اولاد، پوءِ ان کان بعد ساهرن وارن رشتيدارن جو حق آهي۔ پوءِ دَرجَه بَدَرَجَه دوست جو حق آهي پوءِ پاڙيسري جو حق


 

 



 [1] احترام مسلم، ص34،بحواله (دُرَر ج1 ص323 )