Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

آهي۔ پر پري رهڻ واري رشتيدار کي پاڙيسري تي ترجيح ڏينداسين ۽ جيڪڏهن قريبي رشتيدار ٻئي شهر ۾ رهي ٿو ته ان کي به اجنبي پاڙيسري تي مقدم ڪنداسين ۽ پوءِ مڙس گھرواري جي ۽ گھرواريء مڙس جي رشتيدارن سان حسن سُلُوڪ ڪري۔ (شرح مسلم للنووي ، ڪتاب البر والصلۃ والآداب ، باب برالوالدين وانھما احق به ، 8/ 103، جزء 16)

رشتيدارن سان تعلقات ٽوڙڻ جي نحوست

پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح صله رحمي ڪرڻ تي طرح طرح جا اِنعَامَات آهن اهڙي طرح رشتن کي ٽوڙڻ تي به طرح طرح جون وعيدون آهن۔ سيپاري 13، سوره رعد جي آيت نمبر 25 ۾ ارشاد آهي:

وَ الَّذِیْنَ یَنْقُضُوْنَ عَهْدَ اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مِیْثَاقِهٖ وَ یَقْطَعُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یُفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِۙ-اُولٰٓىٕكَ لَهُمُ اللَّعْنَةُ وَ لَهُمْ سُوْٓءُ الدَّارِ(۲۵)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم فرمايو ان کي ڇنندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن انهن جو حصو لعنت ئي آهي ۽ انهن جو نصيب برو گهر آهي.

تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي صله رحمي ڪرڻ ۽ رشتيداري جوڙڻ جي ڏنل حڪم کي ٽوڙين ٿا، ڪفر ۽ گناهن جو ارتڪاب ڪري زمين ۾ فساد ڦھلائين ٿا، انهن جي لاءِ قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي رحمت کان دُوري آهي ۽ اُنهن جي لاءِ بُرو گھر يعني جهنم آهي۔

 (خازن، الرعد، تحت الآيۃ: ۲۵، ۳ / ۶۴-۶۵، ملخصاً) 

الله پاڪ قرآن پاڪ جي سيپاري 4 سوره نساء جي پهرين آيت ۾ ارشاد آهي:

وَ اتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِیْ تَسَآءَلُوْنَ بِهٖ وَ الْاَرْحَامَؕ- (پ۴،النساء:۱)

ترجموڪنز الايمان: ۽ الله کان ڊِڄو جنهن جي نالي سان سوال ڪندا آهيو ۽ رِشتن جو لِحاظ رکو.

پيارا اسلامي ڀائرو! رشتيدارن سان تَعَلّق ٽوڙڻ ۾ ڪا ڀلائي ناهي بلڪه نُقصَان ئي نُقصَان آهي۔ ۽ اهو ايترو اهم ڪم آهي جو ان جي باري ۾ ڪل