Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

بروزِ قِيامَت سوال ٿيندو ته ڇا پنهنجي رت جي رشتيدارن سان تَعَلّق قائم رکيو؟

ياد رکو! شرعي طور تي قطع تعلقي ڪنهن به مسلمان سان جائز نه آهي ها رشتيدارن سان قطع تعلقي وڌيڪ سخت آهي۔ پنهنجي رشتيدارن سان تَعَلّق ٽوڙڻ وارو ڪيترو بدنصيب آهي، ان جو اندازو هن حديثِ مبارڪه مان لڳايو جنهن ۾ فرمايو ويو ته الله پاڪ جي رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته رشتيدارن سان قَطع رِحمي ڪرڻ وارو جنت ۾ نه ويندو۔ هڪ ٻي حديثِ مُبارَڪه ۾ آهي ته هو جنت جي خوشبو به نه سُونگھي سگھندو۔

رشتيدارن سان تَعَلّق ختم ڪرڻ وارو اهڙو بدبخت آهي جو ان تي آسمان جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن۔ رشتيدارن سان تَعَلّق ٽوڙڻ واري کي صحابه ڪرام پنهنجي مجلس مان ڪڍي ڇڏيندا هئا جيئن ته حديثِ مبارڪه ۾ آهي:

حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هڪ ڀيري صبح جي وقت مجلس ۾ تشريف فرما هئا ته فرمايائون: مان رشتو ٽوڙڻ واري کي الله پاڪ جو قسم ڏيان ٿو ته اهو هتان اٿي وڃي ته جيئن اسان الله پاڪ کان مَغفِرَت جي دعا گھرون، ڇوته رشتو ٽوڙڻ واري تي آسمان جا دروازا بند رهندا آهن۔ (معجم ڪبير، باب العين ، عبدالله بن مسعود الھذلي... الخ ،۹/۱۵۸،حديث:۸۷۹۳) يعني جيڪڏهن هو اتي موجود رهندو ته رحمت نه لهندي ۽ اسان جي دُعا قبول نه ٿيندي۔

الله اَڪبَر! اسان الله پاڪ جي پناھ گھرون ٿا ۽ هن کان عَافِيت طَلَب ڪريون ٿا ته اهو اسان کي اهڙي جُرم کان مَحفُوظ رکي ۽ پنهنجي رحمت جا دروازا اسان تي بند نه فرمائي۔ آمين۔

اي عاشقانِ صحابه و اهلبيت! ڏڪي وڃو ۽ جيڪڏهن اسان هن گناھ ۾ مُبتَلا آهيون ته هن کان توبه ڪري وٺون ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو ان جي نُحُوسَت جي