Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

ڪري دنيا ۾ به عذاب جا شِڪار ٿيون ۽ آخِرَت به برباد ٿي وڃي، قَطع رِحمي ڪرڻ واري تي رحمت نازل ناهي ٿيندي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته صله رحمي الله پاڪ کي پسند ۽ الله پاڪ جي رحمت جو ذريعو آهي جڏهن ته قَطع رِحمي الله پاڪ کي ناپسند ۽ ان جي عذاب کي دعوت ڏيڻ آهي۔ پاڻ کي الله پاڪ جي رحمت جو حق دار بنائڻ ۽ الله پاڪ جي عذاب کان بچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اهو ديني ماحول اوهان کي صله رحمي ڪرڻ وارو به بڻائيندو ۽ قَطع رِحمي کان بچڻ وارو به بڻائيندو۔ اهو اهڙو پيارو ديني ماحول آهي جو جنهن سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون عشقِ رسول ۾ بدلجي ويون ۽ اهي سنتِ رسول جا پابند بڻجي ويا، هن ماحول جي بَرَڪت سان رشتيدارن سان تَعَلّق ٽوڙڻ وارا انهي رشتيدارن سان محبت ڪرڻ وارا بڻجي ويا بلڪه ماڻهن کي هن ڳالھ جو درس ڏيڻ لڳي ويا۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم تفسير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جو حلقو

      پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! پنهنجي اندر حسنِ سُلُوڪ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم ”تفسير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جو حلقو“ به آهي۔ نمازِ فجر کان پوءِ مسجدن ۾ روزانو (3) آيتن جي تلاوت مع ترجَموڪنزالايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، (درسِ فيضانِ سُنَّت)، منظوم شجره قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه هن حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي، هن حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي، قُرآنِ ڪريم کي ترجمي ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين موقعو ملندو آهي، اِشراق و چاشت جا نفل پڙھڻ جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. بُزرْگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ