Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

عَلَيۡهم جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِ عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔

اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوششن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعر کي بِلاناغه پڙھڻ شروع ڪيو۔ ان جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي گھربل تعداد ۾ ويزائون ملي ويون۔

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکِل کُشا کے واسِطے                                            کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآن ٽيچر ايپ (Quran Teacher App) جو تعارف

          پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ واري 107 شعبن مان بعض شعبن کي بعض شعبن ۾ جوڙي 80 شعبا بڻايا ويا آهن ۽ اهي سڀ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ديني ڪم ڪري رهيا آهن، انهن مان هڪ شعبو آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ (I.T Department) به آهي، هن شعبي عاشقانِ رسول جي لاءِ کوڙ ساريون موبائل ايپلي ڪيشنون بڻايون آهن، انهن