Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

۾ هڪ جو نالو ”Quran Teacher“ به آهي، هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي اسين 30 کان وڌيڪ ديني ڪورسن ۾ داخلا وٺڻ سان گڏوگڏ پنهنجي داخلي جو اسٽيٽس به چيڪ ڪري سگھون ٿا۔ وڌيڪ اهو ته ڪورسن جو مختصر تعارف، پنهنجي رجسٽريشن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪلاس جي سرگرمين جي معلومات، ڪورسن بابت تفصيلات ۽ فيضان آن لائن اڪيڊمي جي اپ ڊيٽس به حاصل ڪري سگھو ٿا۔ ته اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱ /۹۷، حدیث:۱۷۵)

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

          اچو! شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مدني گل“ مان سلام جي باري ۾ ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: * مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ * مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي: ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو“ (بهار شريعت ،۳/۴۵۹،حصه ۱۶