Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

* سٺين سٺين نيتن سان اوّل تا آخر بيان ٻڌو * پوري توجھ سان گڏ بيان ٻڌڻ جي نيت ڪريو، * ادب سان ويهڻ جي نيت ڪريو * جيڪڏهن اوهان وٽ قلم (Pen/Pencil)، ڊائري آهي ته اَهمّ نڪتا نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪريو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي ”پنهنجي ڀيڻ سان نيڪ سلوڪ ڪريو جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين * هڪ خُراساني شخص جي عذاب ۾ مُبْتَلا ٿيڻ جو سبب ڇا بڻيو؟ * رشتو ٽوڙڻ جي مَذمَّت * اسلام ۾ رت جي رشتن جي ڇا اَهمِيت آهي * ڀيڻ ڀاء جو پاڻ ۾ تعلق ڪهڙو هئڻ گھرجي؟ * حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رت جي رشتن سان تَعَلّق ڪيئن هو * ڪهڙن رشتيدارن سان صله رحمي ڪرڻ واجب آهي؟ * رشتيدارن سان تعلقات ٽوڙڻ جي ڇا نحوست آهي؟ * حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو پنهنجي ڀينرن سان نيڪ سُلُوڪ ۽ ان کان علاوه مفيد معلومات حاصِل ڪنداسين، اِنْ شَآءَ الله۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڀيڻ جو حق ادا نه ڪرڻ جي سزا

حضرت حامد بن يحييٰ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ خراساني 60 سالن کان مڪي پاڪ ۾ رهندو هو۔ جيڪو وڏو عابد و زاهد ۽ امانتدار شخص هو، ڏينهن جو قرآن پاڪ پڙهندو هو ۽ سڄي رات طواف ڪندو هو، ماڻهو ان وٽ امانتون رکرائيندا هئا۔ هڪ نيڪ شخص سان ان خراساني جي دوستي هئي، هڪ ڀيري ان نيڪ شخص کي ڪٿي سفر تي وڃڻو پيو، ان پنهنجي خراساني دوست کي ڏھ هزار دينار امانت طور رکرايا ۽ سفر تي هليو ويو۔ جڏهن سفر تان موٽيو ته خبر پئي ته اهو خراساني دوست فوت ٿي چڪو آهي۔ پوءِ هو خراساني جي وارثن وٽ ويو ۽ پنهنجي امانت گهري، انهن لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته