Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

اسان کي خبر ناهي۔ ان صالح شخص مڪي پاڪ جي عالمن وٽ ان واقعي جو تذڪرو ڪيو ته عالمن فرمايو اسان کي اميد آهي ته مرحوم خراساني جنتي هوندو تون آڌي رات جو زم زم جي کوھ جي اندر جهاتي پائي هيئن آواز لڳاءِ؛ ”اي فلاڻا بن فلاڻا منهنجي ڏنل اَمَانَت ڪٿي آهي؟ اوهان کي جواب ملي ويندو۔“ هن ائين ئي ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين لاڳيتو ڪندو رهيو، پر زم زم جي کوھ مان جواب نه آيو۔ ان شخص ٻيهر عالمن سان رابطو ڪيو۔ عالمن سڳورن اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن پڙهي چيو: اسان جو خيال آهي شايد اهو دوزخي آهي، هاڻي توکي يمن ۾ موجود برهوت نالي کوھ تي وڃي ساڳي وانگر سڏ ڪرڻو پوندو۔ ڇاڪاڻ ته اتي جهنمين جا روح آهن۔ ان ڪري هو شخص يمن پهتو ۽ برهوت جي کوھ تي جهاتي پائي آواز ڏنو؛ اي فلاڻا بن فلاڻا منهنجي ڏنل اَمانَت ڪٿي آهي؟ ڪجھ دير کان پوءِ ان خراساني شخص جو آواز آيو ته ان نيڪ شخص افسوس ۽ پريشاني وچان ان کان پڇا ڪئي: تون ته عبادت گذار ۽ دنيا کان بيزار شخص هُئين، عذاب ۾ گرفتار ٿي هتي ڪيئن پهتين؟ خراساني جواب ڏنو: منهنجي عبادت توهان تي ظاهر هئي پر منهنجي هڪ گناھ منهنجي سڄي عبادت کي ضايع ڪري مون کي عذاب ۾ مُبتَلا ڪري ڇڏيو آهي۔ منهنجو گناھ اهو هو جو مون پنهنجي هڪ مَعذُور ڀيڻ کان لاپرواهي ڪندي قَطع رِحمي يعني رشتو ناتو ٽوڙيو هو، نه مون کي ڀيڻ جو فڪر هو نه ئي مون ڪنهن سان ان جي باري ۾ پڇيو هو۔ جڏهن مان مري ويس ته الله پاڪ انهيء ڳالھ تي منهنجي پڪڙ ڪئي ۽ ارشاد فرمايو: تُو پنهنجي ڀيڻ کي ڪيئن وساريو، ان وٽ ڪپڙا نه هئا ۽ تون نوان ڪپڙا پائي زندگي گذاريندو رهين، اها بکايل رهندي هئي ۽ تُون پيٽ ڀري کائيندو هئين، اها اڃايل رهندي هئي تون کائي پي ڪري خوب ڍؤ ڪندو هئين، مون کي پنهنجي عزّت وجلال جو قسم! مان رشتيداري ٽوڙڻ واري تي رحم نه ڪندس۔ ان کي کڻي وڃو ۽ بَرَهوت جي کوھ ۾ ڦٽو ڪيوس۔ بس حضرت ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام مون کي ان کوھ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ هاڻي مون کي عذاب ڏنو پيو وڃي۔ اي منهنجا ڀاء! تون منهنجي ڀيڻ وٽ