Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

وڃي منهنجي لاءِ معافي جي درخواست ڪر ۽ هن عذاب کان نجات جي ڪا صُورَت ڪڍ، ٿي سگھي ٿو ته الله پاڪ مون تي رحم ڪري، ڇوته ان جي بارگاھ ۾ رشتيداري ٽوڙڻ کان علاوه منهنجو ٻيو ڪو گناھ ناهي۔

ان نيڪ شخص پڇيو منهنجي اَمَانَت ڪٿي آهي؟ خراساني جواب ڏنو منهنجي گھر جي فلاڻي ڪنڊ ۾ دَفن آهي، وڃي اتان ڪڍي وٺو، پوءِ اهو نيڪ شخص ان گھر ۾ ٻڌايل جاءِ کوٽي پنهنجي امانت ڪڍي ورتي ۽ خراساني جي ڀيڻ جي ڳولا ۾ ان جي اَباڻي علائقي ڏانهن ويو ۽ معلومات حاصل ڪري ان مَعذُور ڀيڻ تائين پهچي ويو ۽ سڄو ماجرو ٻڌايائين۔ اهو واقعو ٻڌي ڀيڻ روئڻ لڳي، نيڪ شخص ان کي ڀاءُ جي لاءِ دُعا ڪرڻ جو چيو ته ان پنهنجي محتاجي جي شِڪايت ڪئي، نيڪ شخص ان جون ضرورتون پوريون ڪيون، ڀيڻ خوش ٿي وئي، هاڻي اهو شخص واپس مڪي شريف موٽيو اهو ڏسڻ جي لاءِ ته ان شخص کي عذاب مان رهائي ملي يا نه۔ هڪ ڏينهن زَم زَم جي کوھ وٽ آواز ڏنائين ته مرحوم خراساني جواب ڏنو اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه بَرهوت کوھ مان نجات ملي آهي ۽ هاڻي مان زم زم جي کوھ ۾ امن ۽ چين سان آهيان۔ (شرح الصدور ،الباب التاسع والثلاثون،ص۱۷۸،حڪايت:۷۴ بتغير قليل) 

یا الٰہی رشتہ داروں سے کروں حسنِ سلوک                                             قطعِ رحمی سے بچوں اس میں کروں نہ بھُول چُوک

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رشتو ٽوڙڻ جي مذمت

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو! ڀيڻ سان سٺو سُلُوڪ نه ڪرڻ جي ڪري ان خراساني شخص جي ايتري عبادت جي باوجود ان جي هڪ عمل تي پڪڙ ٿي وئي ۽ اها عبادت به جيڪا ان مڪي ۾ ڪئي جتي جي هڪ نيڪي هڪ لک نيڪين جي برابر آهي۔ ۽ عبادت ۾ ڪيل عمل به ڪهڙا هئا جو سڄي ڏينهن جي تلاوت ۽ سڄي رات جو طواف پڻ ان کي الله پاڪ جي پڪڙ کان بچائي نه