Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

سگھيو۔ تنهنڪري ياد رکو! الله پاڪ جي ڪنهن جي باري ۾ ڪهڙي خفيه تدبير آهي اسان کي خبر ناهي، اهو ڪهڙي عمل جي سبب بخشي ڇڏي ۽ ڪهڙي گناھ تي پڪڙ فرمائي اسان کي ان جو علم ناهي۔ بيان ڪيل حڪايت مان خبر پئي ته هڪ نيڪ ٻانهي جي ڪيئي سالن جي عبادت جي باوجود فقط قطعِ رحمي يعني ڀيڻ جي سار سنڀار کان لاپرواهي جي گناھ جي ڪري عذاب جي کوھ ۾ قيد ڪيو ويو۔ ڪيتري افسوس جي ڳالھ آهي جو رشتو ٽوڙڻ جو گناھ اڄ اسان جي معاشري ۾ هڪ تڪليف ده بيماري بڻجي چڪو آهي۔ هن کان ڇوٽڪاري جي بظاهر ڪا صورت به نظر نٿي اچي۔ ڪو پنهنجي پيء سان اٽڪيل آهي ته ڪنهن ماء کان وڙهي پنهنجو گھر جدا ڪيو آهي۔ ڪو پنهنجي ڀاءُ کان ڦٽائي پنهنجو گھر اُجاڙي ويٺو آهي۔ ته ڪو پنهنجي سڳي ڀيڻ سان ڪاوڙجي ويٺو آهي۔ ڪنهن جي غيرن سان ته سٺي طرح ٺهيل آهي پر ماسي مامي سان اڻبڻت آهي۔ ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري اڄ رشتو ناتو ٽوڙيو ويندو آهي۔

اي عاشقانِ رسول! خراساني شخص واري واقعي ۾ اسان جي لاءِ وڏي عبرت آهي، ياد رکو! هر رشتيدار سان تَعَلّق قائم رکڻ شرعًا واجِب آهي ۽ ان کان لاپرواهي اختيار ڪرڻ، انهن کان ميل جول نه رکڻ، پاڻ مال دار هئڻ ۽ انهن جي غريب هئڻ جي صورت ۾ انهن جي ضرورتن جو خيال نه رکڻ ڀيڻ بک برداشت ڪري ۽ ڀاء هوٽلن جي کاڌن جا مزا وٺي، ڀيڻ مال نه هئڻ جي ڪري ڌيئرن جي شادي نه ڪري سگھي ۽ ڀاءُ پنهنجي پٽن جي شادين تي وڏو خرچ ڪري، ڀيڻ پراڻا ڪپڙا پائي ۽ ڀاءُ هر ڏينهن نوان ڪپڙا پائي، ڀيڻ سٺا ڪپڙا پائڻ جي لاءِ سڪي ۽ ڀاءُ ٻين کي مهانگا مهانگا لباس تحفي ۾ ڏئي، ڀيڻ وٽ بيماري جو علاج ڪرائڻ جا پيسا نه هجن ۽ ڀاءُ پنهنجي سالگرھ ۽ ٻارن جي سالگره ۾ پيسن کي پاڻي جيان وهائي رهيو هجي، بيوه يا غريب ڀيڻ پنهنجي ٻارن کي نپائڻ جي لاءِ گھرن جا ٿانوء ڌوئڻ يا ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور هجي يا گھر ويهي ٽيوشن پڙھائي يا سلائي ڪري پنهنجو گذارو ڪري ۽ ڀاءُ شادي جي سالگره (Anniversary) ملهائي رهيو هجي، ڀيڻ پيسا نه هئڻ جي