Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

ڪري گھر ۾ ئي بيماري سبب روئي رهي هجي ۽ ڀاءُ پنهنجي دوستن جي محفل ۾ ٽهڪ ڏئي رهيو هجي۔ اهو اسلام کي پسند ناهي بلڪه اسلام هن ڳالھ جي تعليم ڏئي ٿو ته جيڪڏهن توهان جا ڀيڻ ڀاءُ محتاج هجن ۽ توهان کي الله پاڪ مال و دولت سان نوازيو هجي ته ڀائرن ۽ ڀينرن جي وراثت جي مطابق ڪفَالَت ڪرڻ واجِب آهي۔

پنهنجي رشتيدارن سان تَعَلّق رکڻ ايترو اهم آهي جو تمام شريعتن ۾ ان جو مُستَقِل حڪم ۽ تمام اُمتن تي ان کي واجِب ڪيو ويو آهي۔ الله پاڪ جي پياري نبي حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جي اولاد مان توحيد تي اِيمان آڻڻ ۽ والدين سان سٺي سُلُوڪ کان بعد قريبي رشتيدارن سان صله رحمي جو واعدو ورتو ويو هو، جيئن سيپاري 1،سُوره بقره جي آيت نمبر83 ۾ ارشاد آهي:

وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیْثَاقَ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ لَا تَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ- وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًا وَّ ذِی الْقُرْبٰى  (پ1،البقرة:83)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ (ياد ڪريو) جڏھن اسان بني اسرائِيل کان واعِدو ورتو ته اوهان الله جِي ئِي پُوڄا ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائِي ڪريو،  ۽ مائٽن سان.

اسلام ۾ رشتن جي اهميت

اها آيت هن ڳالھ تي دليل آهي ته رت جي رشتن جو لِحَاظ ڪيتري قدر اهم آهي جو اسلام کان پهريان به هن رشتي کي مضبوط رکڻ جي لاءِ الله پاڪ پنهنجي نبين کان هن تي عَمَل ڪرڻ جو واعدو ورتو ۽ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ به مختلف هنڌن تي ان جو تذڪرو فرمايو ۽ رت جي رشتن جو اِحتِرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ صله رحمي ڪرڻ وارن کي الله جي عذاب کان خوف رکندڙ فرمايو ويو۔ جيئن ته سيپاري 13، سُوره  رَعد جي آيت نمبر21 ۾ اِرشَاد آهي:

وَ الَّذِیْنَ یَصِلُوْنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰهُ بِهٖۤ اَنْ یُّوْصَلَ وَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ وَ یَخَافُوْنَ سُوْٓءَ الْحِسَابِؕ(۲۱)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اهي ڳنڍيندا آهن جنهن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو ۽ پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن ۽ بري حساب کان خوف رکندا آهن.