Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيتِ مبارڪه جي تفسير جي مناسبت سان ترغيب جي لاءِ ڪجھ حديث سڳوريون بيان ڪيون ويون آهن، اچو اسان به ٻڌون ٿا:

منهنجي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو * رشتيداري ٽوڙڻ وارو جنت ۾ نه ويندو۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب اثم القاطع، ۴ / ۹۷، الحديث: ۵۹۸۴) * جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جي حاجت روائي ۾ رهي ٿو ته الله پاڪ ان جي حاجت روائي ۾ رهي ٿو * جيڪو ٻي ڀاءُ کان تڪليف پري ڪري ٿو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي تڪليف پري فرمائيندو۔ (بخاري، ڪتاب المظالم والغصب، باب لا يظلم المسلم المسلم ولا يسلمه، ۲ / ۱۲۶، الحديث: ۲۴۴۲) * رشتيدارن سان سٺو سلوڪ رزق ۾ ڪثرت ۽ عمر ۾ برڪت جو سبب آهي۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب من بسط له في الرزق بصلۃ الرحم، ۴ / ۹۷، الحديث: ۵۹۸۵) * رشتي سان سٺو ورتاؤ اهو آهي ته جڏهن ان کان رشتو ٽوڙيو وڃي ته هو ان کي جوڙي۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب ليس الواصل بالمڪافيئ، ۴ / ۹۸، الحديث: ۵۹۹۱) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول !اسلام اهڙو پيارو دين آهي جو جنهن جا احڪام آسان ۽ ان ۾ زندگي جو سڄو نظام بڻيل آهي۔ هن ۾ عَمَل ننڍو پر ان جو ثواب گھڻو آهي۔ اسلام ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ اچڻ وقت کان وٺي قَبر ۾ وڃڻ تائين جو سمورو نظام آهي، زندگي جي هر شعبي جا قانون هن ۾ موجود آهن۔ ٻار کي کير پيئارڻ، کير ڇڏائڻ، پرورش ڪرڻ، تعليم، روزگار، شادي، غمي خوشي جا سمورا اَحڪام تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن۔ امير غريب، سلطان وزير، دنيا کي ڇڏڻ واري ۽ ٻار ٻچن واري سڀني جي لاءِ قانون بڻايا ويا آهن۔ هن سان گڏ اسلام جا احڪام نهايت ئي آسان جو جنهن تي هر شخص عمل ڪري سگھي ٿو۔ اسلامي قانون اهڙا مضبوط، مڪمل ۽ ناقابلِ تبديل آهن جن جو مثال نٿو ملي۔

اسلام ۽ خانداني نظام

پيارا اسلامي ڀائرو! دين اسلام جي اها خُصُوصِيت آهي ته زندگي جو ڪو به