Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

Book Name:Apni Bahen Se Naik Sulok Kijiye

مرحلو هجي، اسلام پنهنجي ڪنهن به حڪم ۾ اهو اِحسَاس ٿيڻ ناهي ڏنو ته ان ڪنهن شخص يا زندگي جي ڪهڙي پهلو کي نَظَر انداز ڪيو هجي، يا ڪنهن جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشِش ڪئي هجي۔ اسلام خانداني نظام کي مضبوط رکڻ جا اهڙا احڪام بيان ڪيا آهن جو جن کي ڪرڻ سان نه صرف خاندان مضبوط رهي ٿو بلڪه معاشرو به مضبوط ٿئي ٿو ڇوته خاندان ئي معاشري جو بنيادي جز آهي، جنهن جي مَضبُوطِي معاشري جي مَضبُوطِي آهي، اسلام جتي اولاد کي والدين جي اڳيان اُف تائين نه چوڻ جو حڪم ڏنو آهي اتي والدين تي اولاد جي مڪمل تربيت جي ذمه داري به عائد ڪئي آهي ۽ فرمائي ڇڏيو ته توهان مان هر هڪ نگران آهي ۽ هر هڪ کان ان جي ماتحت جي باري ۾ پڇيو ويندو۔ زال مڙس جي وچ ۾ هر هڪ کي الڳ الڳ ذمه داري ڏني وئي آهي ۽ فرمايو ويو ته جهڙي طرح عورتن تي مڙسن جي حقن جي ادائيگي واجِب آهي اهڙي طرح مڙسن تي عورتن جي حقن جي رِعَايت لازِم آهي ۽ مردن کي فضيلت حاصِل آهي۔ هڪ گھراڻي ۾ جيڪڏهن والدين کان علاوه يا والدين ئي ۾ ڪو نگران آهي ۽ باقي هن جي ڪفالت هيٺ آهن ته حڪم ڏنو ويو ته جيڪو حاڪم پنهنجي ماتحتن جي لاءِ دروازو بند ڪري وٺندو آهي الله پاڪ پنهنجي رحمت جا دروازا ان جي لاءِ بند ڪري ڇڏيندو آهي۔ (ترمذي ابواب الاحڪام ص۲۲۷) هڪ طرف خرچ ڪرڻ وارن کي اهڙي ترغيب ڏني وئي آهي جو فرمايو ويو پاڙيسرين جي ڪري ٻوڙ (رَس) وڌيڪ بڻايو پر ٻي پاسي اهو به فرمايو ويو ته ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلايو۔ ڇوته مٿيون هٿ هيٺئين هٿ کان بهتر آهي۔ مردن کي نگاهون هيٺ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو ته ٻي پاسي عورتن کي پنهنجي زينت ظاهر نه ڪرڻ ۽ گھر کان ٻاهر نه نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو۔ هڪ پاسي اهو حڪم ڏنو ويو ته تُهمَت جي جڳھ تي نه وڃو ته ٻئي پاسي اهو به فرمايو ويو ته ڪنهن جي باري ۾ بدگماني نه ڪيو۔ وڏن کي حڪم آهي ته ننڍن سان شَفقَت سان پيش اچن ته ننڍن کي حڪم آهي ته وڏن جو ادب ڪن۔