imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

اِصلاح ڪرڻ ۾ آهي۔ پوءِ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  شان و شوڪت، عزت و رُتبي، اعليٰ منصب، شهرت و مقبوليت کي ڇڏي ڪري صوفي سڳورن جو لباس پائي مجاهدات جي لاءِ ملڪ شام ڏانهن روانا ٿي ويا۔ (فیضان امام غزالی، صفحہ:27ملخصًا)

پيارا اسلامي ڀائرو! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي همّت ڏسو! اهڙي عزت و شهرت، مقام و رُتبو، جڏهن وڏا وڏا عالم شاگرد طور سندن اڳيان ويٺل هجن، وزير ۽ مشير ادب ڪندا هجن، سڄو شان و شوڪت يڪدم ڇڏي ڏيڻ آسان ڳالھ ناهي، وڏي همت ۽ حوصلي جو ڪم آهي۔ اسان ماڻهو خدشات جو شڪار رهون ٿا، اسان کي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وڃي، مدني قافلي ۾ سفر جي درخواست ڪئي وڃي، مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جو چيو وڃي ته دُڪان ڪير هلائيندو، بزنس ڪير سنڀاليندو، ٻارن کي اسڪول ڪير ڇڏڻ ويندو، گھر جي ذميواريون ڪير کڻندو وغيره وغيره هزارين قسم جا بهانا ڳولي آڏو آڻيندا آهيون ۽ نيڪيون ڪمائڻ، الله ڪريم جو قُرب حاصِل ڪرڻ، جنت جي راھ تي هلڻ کان محروم رهجي ويندا آهيون۔

ياد رکو! جيڪو خدشن جون زنجيرون پيرن ۾ وجھي ڇڏي ٿو، زِندگي جي سفر ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگھي۔ زِندگي ختم ٿي ويندي آهي، ڪم ختم ناهن ٿيندا، موت جو فرشتو اچي ويندو آهي، جڏهن قبر ۾ لاٿو ويندو آهي ته اهي ئي ڪم جن کي آڙ بڻائي ديني ڪمن کان رُڪجي ويندا هئاسين، جيئن تيئن اڌورا ئي رهجي ويندا آهن، خبر ناهي اسان ڇو اهو سوچي ورتو آهي ته اها دُنيا اسان جي ڪري ئي هلي رهي آهي؟ هزارين ماڻهو قبرن ۾ سمهي رهيا آهن، انهن جو به اهو ئي خيال هو ته مون کان سواءِ اها ڪانه هلندي، مان نه رهيس ته منهنجي گھر کان وٺي ڪري ڪاروبار تائين سڀ ڪجھ بيهي رهندو، ٻار بُک وگھي مري ويندا، گھر جي معيشت، گھر جو نظام تباھ ٿي ويندو، دُنيا جهڙي آهي اهڙي نه رهندي پر موت جو فرشتو آيو، ساھ رڪجي ويو، رُوح نڪتو، قبر ۾ لاٿو ويو ۽ سڄي جو سڄو نظام ساڳي طرح هاڻي به