imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

هلي رهيو آهي۔

اي جنّت جا طلب گارو...!! همت سان ڪم وٺو۔ خدشات جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيو! الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ فُتِحَ لَه بَابٌ مِنْ خَيرٍ جنهن جي لاءِ ڀلائي جو دروازو کلي وڃي، فَلْينْتَھِزْه ته اهو ٽپ ڏئي ان دروازي ۾ داخِل ٿي وڃي، فَاِنَّه لَايدْرِي مَتٰي يغْلَقُ عَلَيه ڇوته ان کي خبر ناهي ته ڪڏهن اهو دروازو بند ڪيو ويندو۔ (کَنْزُ الْعُمَّال، کتابِ مواعظ،جز:15، جلد:8، صفحہ:334، حدیث:43127)

اي عاشقانِ رسول! ساھ هلي رهيو آهي، اهو ڀلائي جو دروازو آهي، اسان جي دِل ۾ نيڪي جو خيال اچي ويو، اهو ڀلائي جو دروازو آهي، اسان کي نيڪ ڪم جي دعوت ڏني وئي، اهو ڀلائي جو دروازو آهي، اسان کي روشني ڏيکاري وئي، اهو ڀلائي جو دروازو آهي، هاڻي خدشن کي ٻاهر اڇلايو، بهانا ڳولڻ بدران جلدي سان ان دروازي ۾ داخِل ٿي وڃو۔ ڏسو! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ ڀلائي جو دروازو کُليو، سندن اَولاد به هو، سندن وٽ گھر به هو، پاڻ وٽ مصروفيتون پڻ هيون، بلڪه پاڻ اسان کان وڌيڪ مصروف هئا، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي عزّت هئي، ماڻهو کين ڏانهن رُجوع ڪندا هئا، وڏا وڏا عالم سندن کان علم سکندا هئا، جامعه نظاميه جا سڀ کان وڏا استاد هئا، وقت جو بادشاھ، وزير اعظم سندن کي منٿون ميڙون ڪري رهيو هو ته سائين نه وڃو! پر پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڪنهن شيء کي خاطر ۾ نه آڻي، همّت ڪئي، الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو، سڀ ڪجھ ڇڏي ۽ مُلڪ شام وڃي گوشه نشين ٿي ويا، پوءِ الله پاڪ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  تي ڪرم ڪيو، پنهنجي قُرب جا دروازا سندن جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي ولايت جو بلند رُتبو عطا ڪيو ويو، صِدِّيقِيت وِلايت جو سڀ کان بُلند رُتبو آهي ۽ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به صِدِّيقِيت جي رُتبي تي فائِز ٿيا۔

سچ ہے انسان کو کچھ کھو کے ملا کرتا ہے

آپ کو کھو کے تجھے پائے گا جویا تیرا([1])


 

 



[1]   ذوق نعت، صفحہ:21۔