imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ئي وقت ۾ 3 مَحَاذن تي فتنن جو مقابلو ڪيو:

(1): انهن مان پهريون محاذ اَهلِ فلسفه جو آهي، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور ۾ فلسفو عُروج تي هو ۽ فلسفي حضرات اسلام کي عقل تي ناپي قرآنِ ڪريم تي، اَحاديث تي ۽ اسلام جي بنيادي عقيدن تي طرح طرح جا اعتراض ڪري رهيا هئا، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ميدان ۾ آيا ۽ نهايت تحقيقي انداز ۾ فلاسفه جي اعتراضن جو نه صِرف رَدّ ڪيائون بلڪه فلسفي جي بنيادن تي عقلي اعتراض وارِد ڪيا ۽ ان باري ۾ ڪتاب لکي اسلامي عقيدن جي حفاظت فرمائي۔

 (2) :اهڙي طرح امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور ۾ باطنيه فرقو به عروج تي هو، اهو به اُمّت کي گمراھ ڪري اسلام جي بنيادي عقيدن کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي باطِل تعليمات عام ڪرڻ ۾ مصروف هو، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان گمراھ ڪندڙ فرقي جو به شَدّ ومَدّ سان رَدّ ڪيو ۽ اُمّت جي عقيدن جي حفاظت ڪئي۔

 (3) : ٽيون وڏو ۽ اَهم محاذ جنهن تي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪم ڪيو، اهو عوام جي عملي تنزلي بابت هو۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور ۾ مُعَاشَرو بي راه رَوِي (برائين) جو شِڪار هو، ان پاسي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بروقت ڌيان ڏنو ۽ مُعَاشَري جي اِصلاح جي لاءِ پاڻ کي مصروف رکيائون، هن ڪم جي لاءِ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِحياءُ العُلُوم لکيو، ڪيمياءِ سعادت لکيو، مُڪاشِفَةُ القُلُوب لکيو، مِنهاجُ الْعَابِدِين لکيو، دِل جي اِصلاح ڪيئن ٿيندي، اسان عبادت گذار ڪيئن بڻجنداسين، نفس کي قابُو ڪيئن ڪجي، شيطان جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي، ڪهڙيون شيون جھنم ڏانهن وٺي وينديون آهن، جنّت جي راھ ڪهڙي آهي، الله پاڪ جو قُرب ڪيئن ملندو؟ باطني بيمارين کان جان ڪيئن ڇٽندي؟ هڪ شخص جي پنهنجي اِصلاح ڪيئن ٿيڻي آهي، خاندان جي اِصلاح ڪيئن ٿيندي، مُعَاشري جي اِصلاح ڪيئن ٿيندي، اهي سڄيون شيون امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪتابن ۾ لکيون، ماڻهن کي ٻڌايائون، ان جي لاءِ امام غزالي رَحۡمَةُ