imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

سڀني کي عِبَادت ڪيئن بنائڻو آهي، اهي سمورا طريقا معلوم هجن ته ٻانهو وقت جو دُرُست استعمال ڪري سگھندو ۽ دُنيا ۾ رهندي دُنيا دار نه بلڪ عبادت گذار بڻجي سگھندو، جيڪڏهن عِلم نه هجي ته اهو سڀ ڪيئن ٿي سگھندو؟ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ نقل فرمائي، مصطفيٰ جانِ رحمت، شمع بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْعِلْمُ اِمَامُ الْعَمَلِ وَالْعَمَلُ تَابِعُه عِلم عمل جو امام آهي ۽ عمل ان جي تابع آهي۔ (ترغیب وترہیب، صفحہ:43،حدیث:8 بتغیر قلیل)

ٻي شيء توبه: پوءِ عِلم ٻن قسمن جو آهي: (۱): عِلْمٌ عَلَي اللِّسَان اهو عِلم جيڪو صِرف زبان تائين رهندو آهي، دِل ۾ ناهي لهندو، ان عِلم جو ڪو فائدو ناهي، اهو روزِ قيامت انسان جي خلاف گواهي ڏيندو۔ (۲): ٻيو عِلْمٌ فِي الْقَلْبِ اهو عِلم جيڪو دِل آهي۔ (جامع علوم وحِکَم،صفحہ:351) اهو اَصل عِلم آهي، جڏهن اهو عِلم حاصِل ٿيندو ته ٻانهو پنهنجو پاڻ ۾ ٻڏي ويندو آهي، ان کي پنهنجا گُنَاھ نظر ايندا آهن، پنهنجون خطائون ياد اينديون آهن، قبر جو منظر اکين آڏو ايندو آهي، قيامت ياد ايندي آهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو منظر ياد ايندو آهي، پوءِ ٻانهو اندر کان ٽٽي ويندو آهي، شرمسار ٿيندو آهي، پنهنجي پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي، اکين مان لڙڪ وهندا آهن، دِل بي سڪون ٿي ويندي آهي، امام غزالي فرمائن ٿا: هاڻي ٻانهو غسل ڪري، صاف ڪپڙا پائي، تنهائي ۾ هليو وڃي، نمازِ توبه ادا ڪري ۽ مٿو سجدي ۾ رکي ڪري الله ڪريم جي بارگاھ ۾ سچي دِل سان توبه ڪري، آئينده ڪڏهن گُنَاھ نه ڪرڻ جو پڪو وعدو ڪري ۽ نيڪين واري نئي زِندگي گذارڻ جو عزم ڪري۔ قضا نمازون، روزا، مالي حق ذِمّي تي هجن ته ادا ڪري، ڪنهن کي تڪليف پهچائي هجي ته مُعَاف ڪرائي وٺي، هاڻي ٻانهو گُنَاهن کان پاڪ ٿي ويو، هاڻي عِبَادت جي راھ تي هلڻ جي لاءِ تيار آهي۔ (منہاج العابدین ،دوسرا باب، توبہ کے بیان میں، صفحہ:73ماخوذًا) پر ان جي سامهون 4 وڏيون رڪاوٽون بيٺل آهن:

پهرين رڪاوٽ: دُنيا؛ مثال طور خيال اچن ٿا: * مان عبادت ڪرڻ لڳس ته