imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

ڪيرئير پلاننگ جو ڇا ٿيندو؟ * منهنجا خواب ڪيئن پورا ٿيندا، * مان وڏو ماڻهو بڻجڻ چاهيان ٿو، مان فلاڻي وڏي عهدي تي پهچڻ چاهيان ٿو، اهو سڀ ڪيئن ٿي سگھندو؟ * ڏاڙھي رکي ورتي، عمامو سجائي ورتو، مسجد ۾ وڃڻ لڳس ته مُعَاشري ۾ منهنجي ويليو(Value) ڇا رهندي، منهنجو نِڪاح ڪيئن ٿي سگھندو وغيره۔

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انهن سڀني جو علاج اهو آهي ته دُنيا جي بدران آخرت کي ترجيح ڏني وڃي۔ امير المؤمنين مولاعلي رَضِي الله عَنْه فرمائن ٿا: دُنيا وڃي رهي آهي، آخرت اچي رهي آهي، انهن ٻنهي جا چاهڻ وارا آهن، انسانو! دُنيا وارا نه بڻجو! آخرت وارا بڻجو...! اڄ عمل جو وقت آهي، حساب ناهي، سڀاڻي حساب جو ڏينهن ٿيندو، عمل نه ڪري سگھندؤ۔ (بخاری، کِتَابُ الرِّقَاق، صفحہ:1581)

ٻي رُڪاوٽ: ماڻهن سان ملڻ جلڻ: عِبَادت جي راھ تي اچڻو آهي ته يقيناً عِبَادت کي وقت ڏيڻو پوندو پر پوءِ هوٽلنگ جو ڇا ٿيندو؟ پڪنڪ پارٽين جو ڇا ٿيندو؟ دوستن سان گپ شپ لڳائڻي آهي، گهمڻ وڃڻو آهي، سوشل ميڊيا جي ڪيئي ڪيئي ڪلاڪن جي مصروفيت جو ڇا ٿيندو؟ بُرن دوستن کان ڪيئن جان ڇُٽندي وغيره وغيره خيالات دِل کي پڪڙي وٺندا آهن ۽ عبادت کان روڪڻ لڳندا آهن، ان جو عِلاج اهو ئي آهي ته ماڻهن سان تعلقات گھٽ ڪيا وڃن ڇوته جيڪو دوست يا رشتيدار عِبَادت جي راھ ۾ رُڪاوٽ هجي اهو اَصل ۾ دوست ناهي بلڪه دُشمن آهي۔ قيامت کي ياد ڪريو! هاءِ! ميدانِ محشر...!! اهو نفسي نفسي جو عالم...!! امڙ سڪيلڌي پٽ کي ڇڏي رهي هوندي، پيء پُٽ کان پاسو ڪري رهيو هوندو، ڀاءُ ڀاءُ کان ڀڄي رهيو هوندو، ڪو هڪ نيڪي ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي، افسوس! ماڻهن جي ڪري عِبَادت کان رڪڻ وارا ان وقت حسرت زده هوندا، شرم وچان مٿو جھڪائي، دانهون ڪندا هوندا:

یٰوَیْلَتٰى لَیْتَنِیْ لَمْ اَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِیْلًا(۲۸)  (پاره19،سورۃالفرقان:28)

ترجمو ڪنزالايمان: هاءِ منهنجي بربادي ڪنهن طرح مون فلاڻي کي دوست نه بڻايو هجي ها.