imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

ٽئين ۽ چوٿين رڪاوٽ: نفس وشيطان: شيطان ته اهو ئي چاهيندو آهي ته ٻانهو عِبَادت ڏانهن نه اچي، ان جي لاءِ طرح طرح جا وسوسا وجھندو آهي ۽ نفس هر وقت لذت جو خواهش مند، سست ۽ سهولت پسند رهندو آهي، هر گز عبادت تي آماده نه ٿيندو، ان جو علاج اهو آهي ته شيطان کان جنگ ڪئي وڃي، ان جي شَر کان الله ڪريم جي پناھ گھري وڃي ۽ نفس جو عِلاج اهو آهي ته ان تي زبردستي عِبَادت جو بار وڌو وڃي۔

جڏهن انسان رڪاوٽن جو عِلاج ڪري وٺي، انهن کان پيڇو ڇڏائي عِبَادت جي راھ تي هلي پوي ته هاڻي 4 عارضا لاحق ٿيندا آهن، انهن جي ڪري عِبَادت ۾ يڪسوئي ناهي ملندي:

پهريون عارضو: رزق: مثال طور نماز پڙھندي به دُڪان جو خيال اچي رهيو آهي، ڪاروباري معاملات ۾ دِل الجهيل آهي، ٻارن جو فڪر ٿيندو آهي، ضروريات، خواهشات جا خيال ايندا آهن، عِبَادت ۾ دِل ناهي لڳندي، ان وقت ٻانهو عبادت کان پوئتي هٽندو آهي پر ان کي گھرجي ته عِبَادت نه ڇڏي بلڪه توڪل اختيار ڪري، الله پاڪ تي ڀروسو ڪري۔ الله ڪريم فرمائي ٿو:

وَ مَنْ یَّتَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗؕ- (پاره28،سورۃالطلاق:3)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪو الله تي ڀروسو رکي ته اهو ان کي ڪافي آهي.

ٻيو عارضو: فضول خيال ۽ خطرا: پوءِ ٻانهي کي مختلف خيال وڪوڙي لاهيندا آهن، انسان خوف زده ٿي ويندو آهي، مان عبادت جي راھ تي هلان ته گھر وارن جو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! ڪٿي ديوار نه ڪري پوي، هاءِ! هاڻي موت اچي ويندو، جن جن شين کان انسان خوف کائيندو آهي، ان جا خيالات دِل ۾ ايندا آهن۔ ان جو عِلاج اهو آهي ته ٻانهو پنهنجا سمورا معاملا الله ڪريم جي حوالي ڪندي چوي:

وَ اُفَوِّضُ اَمْرِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ- (پاره24،سورۃالمؤمن:44)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ مان پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو.